
باتاج بادشاهه
باتاج بادشاھہ (ڪتاب): هي ڪتاب سيد شاھہ مردان شاھہ ثاني ستين پير سائين پاڳاريرح جي زندگيءَ تي لکيل ڪالمن/مضمونن جو مجموعو آهي، ڪتاب ۾ شامل سمورا ڪالم ۽ مضمون عالمن، اديبن ۽ ساڃاھہ وندن سيد شاھہ مردان شاھہ ثانيرحه جي وصال کانپوءِ لکيا ويا، جيڪي حافظ عبدالقيوم مھر سڪندري، حافظ محمد مريد مڱريي جي مدد سان سهيڙي ڪتاب جي صورت ۾ آندا. هي ڪتاب ٻارهن عنوانن تي مشتمل آهي، هر عنوان جي سري هيٺ سيد شاھہ مرادن شاھہ ثانيءَ جي خانداني، شخصي، روحاني ۽ سياسي پسِ منظر سان گڏ سندن زندگيءَ جي ٻين مختلف رخن ۽ ذاتي خيالن تي روشني وڌي وئي آهي. پڪي جلد سان، چار رنگي ٽائٽل، 128 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب فيبروري 2012ع ۾ مدرسہ صبغة القرآن شاھہ مردان شاھہ سنجهورو، ضلعي سانگهڙ طرفان شايع ٿيو. ڊيمي سائيز ۽ اُچي ڪاغذ تي شايع ٿيل هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيہ ڄاڻايل آهي.