بي تاج بادشاهه

بي تاج بادشاهه

باتاج بادشاھہ

باتاج بادشاھہ (ڪتاب ):هي ڪتاب سيد شاھہ مردان شاھہ ثاني ستين پير سائين پاڳاري رحمة عليہ جي زندگيءَ تي لکيل ڪالمن تي مشتمل آهي، ڪتاب ۾ شامل سمورا ڪالم عالمن اديبن ۽ ساڃاھہ وندن سيد شاھہ مردان شاھہ ثانيرح جي وصال کانپوءِ لکيا ۽ حافظ عبدالقيوم مھر سڪندري، حافظ محمد مريد مڱريي جي مدد سان نهايت سھڻي انداز سان سهيڙي ڪتاب جي صورت ۾ آندا. هي ڪتاب ’پنھنجي پاران‘ سميت ٻارهن عنوانن تي مشتمل آهي. هر عنوان جي سري هيٺ سيد شاھہ مرادن شاھہ ثانيرح جي خانداني، شخصي، روحاني ۽ سياسي پسِ منظر سان گڏ سندس زندگيءَ جي ٻين مختلف پهلوئن ۽ ذاتي خيالن تي روشني وڌي ويئي آهي. پڪي جلد سان، چار رنگي ٽائٽل ۽ 128 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب فيبروري 2012ع تي مدرسہ صبغة القرآن شاھہ مردان شاھہ سنجهورو، ضلعي سانگهڙ طرفان شايع ٿيو. ڊيمي سائيز ۽ اُچي ڪاغذ تي شايع ٿيل هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو