سنڌ جو نقشو

سنڌ جو نقشو

ڪراچي ڊويزن جو نقشو

ڪراچي ڊويزن جو نقشو

باب الاسلام

باب الاسلام: سنڌ کي انهيءَ نالي سان سڏيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ تہ برصغير ۾ اسلام جي روشني سڀ کان پهرين سنڌ ۾ پهتي. عام طرح اهو خيال آهي تہ سنڌ ۾ اسلامُ، محمد بن قاسم جي آمد (94 ھہ/712ع) سان آيو، پر ائين نہ آهي. سنڌ ۾ اسلام جي روشني پکيڙڻ جو فرض، رسول اڪرم صلي عليہ وسلم جن جي دور ۾ سندس صحابين سرانجام ڏنو. جن مان ڪن جون قبرون شاه مڪي قبرستان حيدرآباد ۾ موجود آهن. جولاءِ 1975ع تي جڏهن اسلامي ملڪن جي پهرين سربراھہ ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿي، تڏهن هن ڪانفرنس ۾ شريڪ نمائندن هن شھر جي تاريخي اهميت ۽ عوام جي مهمان نوازيءَ واري جذبي کان متاثر ٿي، ڪراچي شھر کي ”باب الاسلام“ جو نالو ڏنو.


لفظ باب الاسلامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.07.06  عيسوي

6 جولاءِ 1975ع تي جڏهن اسلامي ملڪن جي پهرين سربراهه ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿي ، تڏهن هن ڪانفرنس ۾ شريڪ نمائندن ڪراچي شهر جي تاريخي اهميت ۽ عوام جي مهمان نوازيءَ واري جذبي کان متاثر ٿي ، ڪراچي شهر کي ” باب الاسلام “ جو نالو ڏنو .



مختلف - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چاليهو
چوڏاهي جا پير
ڪڻڀي ڪنبي
کارڪ کارڪ بندر
پڃري
ڪنواٺي
ايڪيتال
آهڙيو آهوڙو
دَمِڙي
سونا گيڙو
مختلف ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون