بابل خان جکراڻي

بابل خان جکراڻي: مشھور سياستدان ’بابل خان جکراڻي‘ جو اصل نالو مير احمد نواز آهي، سندس جنم 21 مارچ 1943ع تي ڳوٺ دادپور، تعلقي ۽ ضلعي جيڪب آباد ۾ ٿيو. سندس والد سردار آزاد خان جکراڻي انگريز دؤر ۾ پوليس کاتي ۾ انسپيڪٽر ٿي رهيو. بابل خان جکراڻي، سردار محمد امين کوسو هاءِ اسڪول جيڪب آباد مان تعليم حاصل ڪئي. وڏو زميندار ۽ سياسي اڳواڻ آهي. 1988ع ۾ جيڪب آباد جي تڪ مان پ پ جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. ان بعد هو 1993ع ۾ جيڪب آباد مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. جيڪب آباد جي ڀرسان هر جمعي تي ڏاندن جي وڏي گوءِ ڪرائيندو رهيو آهي. علائقي جي فلاحي ڪمن ۾ تمام گهڻي دلچسپي اٿس. پاڻ هڪ مدرسي جو سرپرست بہ آهي. سخت بيمار هجڻ سبب اڄڪلھہ گهر تائين محدود آهي. هن وقت سندس فرزند مير اعجاز حسين جکراڻي، پيپلز پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان سياست ۾ سرگرم آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1943.03.21  عيسوي

مشھور سياستدان ’بابل خان جکراڻي‘ جو اصل نالو مير احمد نواز آهي، سندس جنم 21 مارچ 1943ع تي ڳوٺ دادپور، تعلقي ۽ ضلعي جيڪب آباد ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ريحانه
پير مراد شيرازي
بروهي عبدالحليم
غضنفر خان عالمگيري
ائينيمري شمل ڊاڪٽر
سيد محمد عالم شاھہ شيرازي
راءِ ڏياچ
مير بزرگ بکري
آغا تاج محمد خان
ڪامريڊ علي محمد جمالي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون