بابر بند

بابر بند: ٿاڻي بولاخان تعلقي ۾ هڪ ديھہ. جيڪا انتهائي ڏکڻ ڪنڊ تي آهي. هن ديھہ ۾ هيٺ ڄاڻايل ڳوٺ موجود آهن: ’يامين جکرو‘، ’بيگ جوکيو‘، ’دريا خان جوکيو‘، ’صديق خاصخيلي‘، ’اسحاق جوکيو‘، ’دادو‘، ’وليداد جوکيو‘، ’نورخان‘، ’ڪات پالاري‘، ’سوڍو پالاري‘، ’عبدالشڪور‘، ’ڇڙوڇڙ‘ ۽ ’الھڏنو خاصخيلي‘ تعلقي ڪوٽڙيءَ جي ديھہ ”موڙهي جبل“ ۾ پڻ هڪ ڳوٺ جو نالو ’بابر بند‘ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو