
بابا غريب داس مندر، ڪنڌڪوٽ
بابا غريب داس مندر، ڪنڌڪوٽ: ضلعي ڪنڌڪوٽ جي ڳوٺ غوثپور ۾ قائم هي مندر هندن جي پراڻي ۾ پراڻي عبادتگاھہ آهي. ڪنڌڪوٽ ۾ هي سڀ کان وڏو ۽ مکيہ اهميت وارو مندر آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ سڄي ملڪ مان هندن جو وڏو انگ اچي عبادت ڪندو آهي. هندن جي عقيدي موجب هي مندر لڳ ڀڳ 200 سال پراڻو آهي. جيتوڻيڪ مندر جي ڪيترن ئي قديم حصن کي ڊاهي جديد طرز جي عمارت تعمير ڪئي وئي آهي. قديم کوھہ کي مذهبي رسمن جي ادائگي لاءِ مرمت ڪري محفوظ ڪيو ويو آهي. عمارت جي وڏي هال ۾ هندو ديوين ديوتائن سان گڏ مذهبي اڳواڻن ۽ پيشوائن جون تصويرون، ديوارن تي نصب ٿيل آهن ۽ ڪجهہ اهم مذهبي شخصيتن بابا غريب داس (ولادت 15 جون 1931ع ڳڙهي تيڳو هندستان) ۾ ٿي. عمارت جي اندرئين پٽ تي ماربل ۽ ديوارن تي ٽائلز لڳل آهن، ٻاهرئين هال ۾ ونگائن لنگهن تي شيشي جو نهايت نفيس ۽ خوبصورت ڪم ٿيل آهي. هن مندر ۾ هندو ڌرم جي مڙني ديوين ۽ ديوتائن جي علامتي تصويرن ۽ مورتين سان گڏ شِو جو لنگم بہ موجود آهي. مندر جو هڪ حصو سک مت پوئلڳن لاءِ عبادت ۽ رياضت لاءِ مخصوص آهي. پڪين سرن سان تعمير ٿيل هي ٻہ منزلہ عمارت پنھنجي زيبائش ۽ خوبصورت تعمير جي ڪري مشهرو آهي. هتي هر روز ڀڳوت گيتا ۽ گروگرنٿ صاحب جو پاٺ ٿيندو آهي. هر سال مئي جي پهرين تاريخ تي ميلو پڻ لڳندو آهي، جنهن ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ مان هندو ياتري اچي شرڪت ڪندا آهن. هن مندر جو سنڀاليندڙ شيواڌاري دادا حڪمت راءِ آهي.