
بابا سريچند
بابا سريچند: بابا سريچند، سکن جي گروءَ، گرونانڪ جو فرزند هو. پاڻ صوبي پنجاب جي شھر تلونڊي (موجودہ نانڪاڻه صاحب) پاڪستان ۾ 8 سيپٽمبر 1494ع تي ڄائو. سِکن جي روايت موجب هن جي شڪل پکيه نومي تِٿ تي شڪر وار يعني جمعي جي ڏينهن پنجين گهڙيءَ چڙهڻ تي بڊي جي مهيني ۾ نروار ٿي ۽ ڄمڻ وقت پاڻ شنڪر ڀڳوان جي روپ ۾ هو. سندس طبيعت فقيري هئي. سريچند ڪجهہ عرصو ڪرتار پور ۾ رهي، پوءِ نانڪاڻه صاحب کان ٿيندو سنڌ ۾ آيو ۽ ٺٽي شھر کان ٻہ ميل اوڀر طرف سنڌو درياھہ جي ڪپ تي آستانو ٺاهي ويٺو. اهو ترخانن جي مرزا باقيءَ جو دور هو. هندو جاتي لڪي لڪي ساڻس ملڻ لڳي تہ هن هندن تي ان وقت ٿيندڙ زيادتين تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ پرارٿنا ڪئي. جڏهن مرزا باقيءَ کي خبر پئي تہ هن چيو، ’هي شخص چريو آهي، ڇڏي ڏيوس‘. مرزا باقيءَ جي انهيءَ ڳالھہ ٻڌڻ تي درويش مرڪيو ۽ چيائين، اهو پاڻ چريو آهي. ترت مرزا باقي پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويٺو ۽ خودڪشي ڪيائين. پوءِ مرزا جاني بيگ بابا سريچند سان ٺاھہ ڪيو ۽ هندن سان بہ سٺي هلت هليو. اها خبر ڪا نہ ٿي پوي تہ بابا هتي ڪيترو عرصو رهيو. ٺٽي جي بادشاهي مسجد اڳيان، نڪ سامھون درياھہ طرف (اوڀر ڏانھن) ٽن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي بابا سريچند جو دربار موجود آهي. بابا گرونانڪ جا ٻہ پٽ هئا. جنهن ۾ وڏي پٽ جو نالو سريچند ۽ ننڍي پٽ جو نالو لکمنداس/لکميچند هو. بابا گرونانڪ پنھنجي گاديءَ کي موروثيت کان بچائڻ لاءِ پنھنجي وڏي ۽ ننڍي پٽ کي پنهنجو جائنشين مقرر نہ ڪرڻ نٿي چاهيو. ان ڪري بابا گرونانڪ جو وڏو پٽ بابا سريچند پنھنجي پيءُ واري مذهبي فرقي جي بدران برهمچاريت وارو ’اداس پنٿ‘ بنجي ويو. هو انهيءَ پنٿ جو هندستان ۾ وڏو اڳواڻ ليکيو وڃي ٿو. بابا سريچند ٺٽي ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ڪابل، پشاور۽ ڪشمير ۾ اهڙا آستانا قائم ڪري تپسيا ڪئي ۽ پنهنجا پوئلڳ پيدا ڪيا. هن سڄي عمر شادي نہ ڪئي هئي. هو ’اداس پنٿي‘ هو. اداس پنٿ برهمچاريت تي ٻڌل هجي ٿو . ان جو ٻيو مطلب هي آهي تہ جنهن شادي ڪئي اهو ذاتي آسودگي ڏانهن هليو ويو ۽ اهو ڪنپٽ ڪاپڙي، ڀڀوتي يا نانگو ٿي منزلون ماڻي نٿو سگهي. روينيو رڪارڊ ۾ انھيءَ ديھہ جو نالو ’ٻائو پورڻ داس‘ آهي. اڄ کان پنج سئو سال اڳ ۾ هڪ سئو ٽيھه سال ڄمار ماڻي الوپ ٿي ويل بابا سريچند گرونانڪ جي چوڻ تي لاڳيتو ٺٽي ويٺو رهيو۽ پنھنجي رياضت ۽ تپسيا ۾ مصروف رهيو. بابا سريچند جي درٻار تي ڊگهي ڌڄا هر وقت ڦڙڪندي رهي ٿي. تکي اس ۾ سونڊن جي پٿرسان اڏيل بابا سريچند جي درٻار هر وقت چمڪندي رهي ٿي. هن وقت هندو سندس آستان تي پوڄا پاٺ لاءِ ڪافي تعداد ۾ گڏ ٿيندا آهن. بابا سريچند 13 جنوري 1629ع تي ڪرتارپور (انڊيا) ۾ وفات ڪئي.
1494.09.08 عيسوي
بابا سريچند، سکن جي گروءَ، گرونانڪ جو فرزند هو. پاڻ صوبي پنجاب جي شهر تلونڊي (موجوده نانڪاڻه صاحب) پاڪستان ۾ 8 سيپٽمبر 1494ع تي ڄائو.