
بائرن
بائرن: مشھور رومانوي شاعر بائرن جو جنم 1788ع ۾ ٿيو. بائرن جو پورو نالو جارج گورڊن نوئل بائرن (Gerorge Gordon Noel Byron) بائرن (1788-1824ع)، انگريزي ادب جي رومانوي دور جو مشھور شاعر، پنھنجي بي راھہ رويءَ ۽ جذباتي شاعريءَ ۾ رومانيت جو مثال هو. بائرن پيدائشي منڊو هو ۽ چئن ورهين جي عمر ۾ پيءُ جي شفقت کان محروم ٿي ويو. هيءُ جوانيءَ ۾ ايڏو تہ خوبصورت هو، جو هر عورت جو ڏانهنس ڌيان ضرور ويندو هو. هن ازابيلا مل بينڪ سان 16-1815ع ڌاري شادي ڪئي، جيڪا ناڪام ٿي، ان کانپوءِ يورپ هليو ويو. هو هڪ رئيس زادو هو. ’هيرو‘ ۽ ’ڪئمبرج‘ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. نقادن جو چوڻ آهي تہ سندس گهرو ماحول صحيح نہ هئڻ ڪري سندس شخصيت جي صحيح اوسر ٿي نہ سگهي، پر اڳتي هلي هو House of lords جو رڪن ٿيو، هو فرانس جي انقلاب کان ايترو تہ متاثر ٿيو، جو هن هر عقيدي ۽ هر قدر کي خراب ڪوٺيو.
انگريزي شاعريءَ ۾ هو رومانيت پسنديءَ جو نمائندو آهي، رومانيت کي جيڪڏهن بيماري سمجهيو وڃي تہ هو ان بيماريءَ جو پهريون شڪار چئبو. هو شاعريءَ ۾ پوپ جو حامي ۽ مشھور فطرت نگار شاعر ورڊس ورٿ جو دشمن هو. طبيعت ۽ مزاج جي رنگينيءَ ۽ خودسريءَ جي ڪري کيس ’ادب جو نيپولن‘ بہ ڪوٺيو ويو آهي. سندس شاعريءَ ۾ خوبين سان گڏ خاميون بہ آهن. هو پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪڏهن بہ سنجيدگي ۽ توازن قائم رکي نہ سگهيو، ان ڪري هو ڪلاسيڪيت ۽ رومانويت جي وچ ۾ ٽنگيل ڏسجي ٿو. 20 صديءَ جي سنڌي شاعريءَ تي يورپ جي رومانوي دور جي شاعريءَ جو چڱو اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
1788.00.00 عيسوي
بائرن: مشهور رومانوي شاعر بائرن جو جنم 1788ع ۾ ٿيو . بائرن جو پورو نالو جارج گورڊن نوئل بائرن ( Gerorge Gordon Noel Byron ) بائرن ( 1788-1824ع ) ، انگريزي ادب جي رومانوي دور جو مشهور شاعر ، پنهنجي بي راهه رويءَ ۽ جذباتي شاعريءَ ۾ رومانيت جو مثال هو .
1815.00.00 عيسوي
بائرن: مشهور رومانوي شاعر بائرن ازابيلا مل بينڪ سان 16-1815ع ڌاري شادي ڪئي ، جيڪا ناڪام ٿي ، ان کانپوءِ يورپ هليو ويو . هو هڪ رئيس زادو هو . ’ هيرو ‘ ۽ ’ ڪئمبرج ‘ ۾ تعليم حاصل ڪيائين