اڳتي تاڻ امنگ جي (ڪتاب ):هي ڪتاب مضمون ۽ خاڪن تي مشتمل آهي، ڪتاب جو مصنف، نامور شاعر ۽ ليکڪ راشد مورائي آهي، ڪتاب جو مهاڳ مشھور اديب ۽ تعليمي ماهر نذير قاضي لکيو آهي، جڏهن تہ بيڪ ٽائيٽل تي مير محمد پيرزادي، عبدالحڪيم ارشد، تاج جويي، رکيل مورائي، الھہ بخش راٺوڙ ۽ محمد مريد لنڊ جا ويچار شامل آهن، پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، المھراڻ فائونڊيشن سانگهڙ پاران جنوري 2006ع ۾ شايع ٿيو، 184 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 130 روپيا آهي.