اگني

اگني: ويدن جي زماني جو مشھور ديوتا، جيڪو آسمان ۾ سج جي شڪل ۾، هوا ۾ وِڄ جي روپ ۾ ۽ زمين تي باھہ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي. هندو مختلف موقعن تي باھہ ٻاري هن جي پوڄا ڪندا آهن ۽ هن ئي ديوتا جي نسبت باھہ کي متبرڪ سمجهندا آهن.
چيو وڃي ٿو تہ هيءُ ديوتا ٻن ڪاٺين جي پاڻ ۾ گِهڻ سان پيدا ٿيو هو. ڪن جو خيال آهي تہ هو برهما جو پٽ هو، جيڪو آسمان، فضا، پاڻيءَ ۽ ڌرتيءَ تي رهندو هو. اگني ديوتا جون هزارين اکيون آهن، جن سان پوڄا ڪندڙن کي ڏسندو آهي.


لفظ اگنيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو