اڪوئي
اِڪوئي: هڪ قسم جو جابلو ٻوٽو، جيڪو پسارڪي وکر طور ڪم ايندو آهي. هيءُ ٻوٽو ڀنگ جي ٻوٽي جهڙو ٿئي ۽ تاثير بہ ڀَنگ وانگر هلڪي نشي وارو ٿئيس. جابلو چوپايو مال هيءُ ٻوٽو چرندو آهي. ڳڙ جيڪو اندر ۾ گند ڪري وڃي، پر ڦاٽي نہ سگهي، ان کي اِڪوئي جي لپري ٻڌندا آهن تہ ڳڙ ڦاٽي پوندو ۽ سور پڻ ڀڄي پوندو آهي .