اڪرم قمبراڻي

اڪرم قمبراڻي

اڪرم قمبراڻي

اڪرم قمبراڻي: اديب ۽ سياسي ڪارڪن اڪرم ولد اڪبر قمبراڻي 23 اپريل 1970ع تي، ڊگهڙي شھر، ضلعي ميرپورخاص ۾ جنم ورتو. انٽر تائين تعليم ڊگهڙي ۾ حاصل ڪئي. 1990ع ۾ جيئي سنڌ محاذ ۾ شامل ٿي، سياست جي شروعات ڪئي. ان کانپوءِ جيئي سنڌ قومي محاذ تعلقي ڊگهڙي ۽ ضلعي ميرپورخاص لاءِ صدر جي عھدي تي رهيو. 2005ع کان ڪجهہ سال صحافت سان وابستہ رهيو. 2012ع کان ٽائون ڪاميٽي، ڊگهڙي ۾ ڪلرڪ طور ڪم ڪري رهيو آهي. 2022ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ، ڊگهڙي جو سيڪريٽري رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”ڊگهڙي جي تاريخ“ (2015ع)،”ڪشمير ڪينواس“ (سفرنامو، 2016ع) ۽ ”گورک“ (ناول، 2018ع) شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.04.23  عيسوي

اديب ۽ سياسي ڪارڪن اڪرم ولد اڪبر قمبراڻي 23 اپريل 1970ع تي، ڊگهڙي شھر، ضلعي ميرپورخاص ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام احمد بدوي
جهانگياڻي سنتداس
علي راز شر
حيدر سنڌي ڊاڪٽر
سڪينه عتيق الزمان
بادل جمالي
زاهده تاج ابڙو
پٺاڻ نثار احمد
عبدالمالڪ ميمڻ انجنيئر
ابراهيم سنڌي ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون