
اڪرام الله ڌاريجو
اڪرام ﷲ ڌاريجو: اڪرام ﷲ خان ڌاريجو 7 فيبروري 1971ع تي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. پ. پ جو ايم.پي.اي آهي، جيڪو صوبائي اسيمبلي سنڌ جي گهوٽڪيءَ واري تڪ پي ايس 6 تان ڪامياب ٿيو. سندس تعلق گهوٽڪيءَ جي ڌاريجا خاندان سان آهي، جيڪو سياسي حوالي سان مشھور آهي. هن پاڪستان کان علاوہ ڪيليفورنيا يونيورسٽي آمريڪا ۾ بہ تعليم حاصل ڪئي. جتان بزنس مئنيجمينٽ ۾ پي.ڊي. اي جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ پ پ نارٿ آمريڪا جو 2001ع کان 2005ع تائين وائيس پريزيڊنٽ پڻ رهيو. هن وقت ناڻي، بين الصوبائي رابطن، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ اريگيشن بابت ڪميٽين جو ميمبر ۽ سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن بابت ڪاميٽيءَ جو چيئرمين آهي. پاڻ سنڌ پيپلز ڊولپمينٽ ڪميٽي ضلعي گهوٽڪيءَ جو چيئرمين بہ آهي. سندس مستقل رهائش عادلپور ضلعي گهوٽڪي ۾ آهي.
1971.02.07 عيسوي
اڪرام الله خان ڌاريجو 7 فيبروري 1971ع تي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو