اڪبر نمائي

اڪبر نمائي

اڪبر نظير نمائي

اڪبر ”نظير“ نمائي: اديب، شاعر ۽ تعليمدان سيد غلام اڪبر شاھہ جو ادبي نالو اڪبر ”نظير“ نمائي آهي. 16 اپريل 1950ع تي ڳوٺ نِمون يار علي شاھہ لڳ اُڏيرو لال ۾ پيدا ٿيو. ايم. اي ۽ ايم. ايڊ ڪري تعليم کاتي سان وابستہ ٿيو ۽ فئڪلٽي آف ايجوڪيشن حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور، 2010ع تائين خدمتون انجام ڏيئي رٽائرڊ ٿيو. سندس تصنيفن ۾: ’تعليمي عمرانيات‘ (1996ع)، ’هالا هيرن کاڻ‘ (1997ع)، ’يا نصيب‘ (شاعري: 1998ع)، ’تعليمي رهنمائي ۽ مشاورت‘ (1999ع) ۽ ’سيد مهدي شاھہ نمائيءَ جو ڪلام‘ (ترتيب: 2019ع) شامل آهن. ان کان علاوہ سندس تحقيقي ۽ ادبي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ ڇپيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو