
جامع اڪبري مسجد روهڙي
اڪبري مسجد: روهڙيءَ ۾ ھي مسجد مؤ (وار) مبارڪ واري درگاھه جي ڀرسان آھي. ھيءَ مسجد بکر جي مغل گورنر نواب فتح خان، 992ھہ/ 1584ع ۾ جوڙائي، هن مسجد کي ٽي گنبذ آهن ۽ ان ۾ ڪاشيءَ جو ڪافي سٺو ڪم ٿيل آهي. 1320ھہ/ 1902ع ۾ھن مسجد جي مرمت ڪرائي وئي ھئي.