
اڏيرو مندر
اڏيرو مندر: اڏيري لال جو هڪ آستانو، ٽنڊي آدم لڳ اڏيري لال شھر ۾ آهي، جنهن کي هندو ۽ مسلمان ٻئي قدر جي نگاھہ سان ڏسن ٿا. پر اڏيرو مندر جو نمونو ئي پنهنجو آهي. جيتوڻيڪ هيءُ ماڳ بہ اڏيري لال (درياھہ پنٿين) سان منسوب آهي. اڏيري پتڻ لڳ ٺهيل هيءُ مندر ڏسي ماڻهو دنگ رهجي وڃي ٿو.
مندرن جي ٻاهرين بيهڪ اسلامي عمارتن جهڙي آهي. هي ٻہ مندر آهن. هن وقت درياھہ پنٿين جو هتي ڪوبه پڌرو ثبوت نٿو ملي، سواءِ نالي جي. وڏو مندر سِرُن جي ڀڙڀانگ مقبري جو ڏيک ٿو ڏئي. ٻنهي مندرن کي گنبذ آهن. چئني ڪنڊن تي ننڍڙا منارا بہ اٿن. مندرن کي ڪنهن وقت اندران ٻاهران پلستر ٿيل هو، جن تي اڏيري لال جي درياهي پير جي روپ جي سھڻي چٽسالي ڪئي وئي هئي. ٻاهرئين پاسي هن وقت چٽسالي نظر نٿي اچي، البت ڪٿي ڪٿي پلستر نظر اچي ٿو. وڏي مندر ۾ اندر ڇت تي چٽسالي ٿيل آهي. اُڏيري مندر ۾ ٿيل چٽسالي رامائڻ واري ڪٿا تي ٻڌل آهي. لنڪا واري جنگ کي مهارت سان چٽيو ويو آهي. هي قبو 1044 ھہ جو آهي ۽ ان جي ماپ 30X28 فوٽ آهي. . اڏيري لعل بابت ڪيئي راويتون آھن. ھندو توڙي مسلمان ھن درگاھہ تي اچن ٿا. اڏاوت پڪ سري آھي. پيڙھہ پٿر جي ٻڌل اٿس. ڪاشيءَ جي سنھين سرن سان فرشبندي ٿيل آھي. ھيءُ قبو 1044ھہ ۾ بندرنگ ولد گهن داس جوڙايو. اوڀر ۾ شيخن جا گهر، اولھہ ۾ ڀڳل عمارت، اتر ۾ مسجد ۽ ڏکڻ ۾ گهٽي آھي
1044.00.00 هجري
ھيءُ قبو 1044هه ۾ بندرنگ ولد گھن داس جوڙايو .