اڏيرو لال

اڏيرو لال

اڏيرو لال مندر ۽ مسجد

اڏيرو لال مندر ۽ مسجد

اڏيرو لال

اڏيرو لال 1: اڏيري لال جي شخصيت بابت سنڌ ۾ ٻہ روايتون هلندڙ آهن. هندو کيس ”اڏيري لال“ جي نالي سان جُهولي لال جو اوتار سمجهن ٿا. سندن روايت موجب، اڏيرو لال نصرپور جي رتنراءِ لوهاڻي جي گهر ۾، چيٽي چنڊ، وڪرمي سنبت 1007 ۾ جمعي جي ڏينھن ڄائو. ڄمڻ وقت ايستائين ماءُ جو کير نہ پيتائين، جيستائين سنڌو درياءُ جو پاڻي سندس منھن ۾ نہ پيو. ان روايت مطابق کيس”درياھہ شاھہ جي اوتار“ جي نالي سان پڻ ڄاتو ويندو آهي. اڏيري لال جا هزارين مريد اڄ بہ هندستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهن ٿا، جيڪي هرسال چيٽيءَ چنڊ ملهائيندا آهن. چيٽيءَ چنڊ جي ميلي جي موقعي تي سنڌ ۾ بہ اچي گڏ ٿيندا آهن، ۽ اڏيري لال جا ”پنجڙا“ ڳائيندا آهن ۽ بھراڻا ڪڍندا آهن. ڀارت ۾ اڏيري لال جو ڏِڻ ”سنڌيت“ جو خاص اهڃاڻ آهي. هن بزرگ کي ”جهولي لال“ ۽ ”پلي وارو پير“ بہ چوندا آهن. دراصل اڏيري لال جو تصور قديم زماني کان هلندو ٿو اچي، جنھن ۾ عام مڃتا موجب ”سڄي جھان جو مدار پاڻي آهي“، واري خيال جو تسلسل سمايل آهي. مسلمانن وري انهيءَ خيال کي خواجہ خضر واري روپ ۾ محفوظ ڪيو. سنڌ ۾ درياھہ جتان جتان لنگهيو، اتي اڏيري لال جا آستان ٺھيا ۽ درياھہ شاھہ جي پوڄا جو سلسلو هليو ۽ جاري رهيو. مٽياريءَ ۾ اُڏيري لال جو آستان درياھہ جي ڪپر تي، جهيجن جي ڳوٺ ۾ هو، جيڪو هاڻي ”اڏيرو“ سڏجي ٿو. اتفاق سان انهيءَ هنڌ تي مشھور درويش شيخ طاهر جي مزار پڻ هئي، جنھن کي پوءِ اڪبر بادشاھہ ڪوٽ ڏياريو. جڏهن تہ اڏيري لال جي آستان جي هڪ هندو اڳواڻ بيدار سنگهہ پٽ شامداس 1044ھہ/1634ع ۾ اڏاوت ڪرائي. انهيءَ آستان جي ٻاهرين بيھڪ اسلامي عمارتن جهڙي آهي. آستان جي ماپ 28x30 آهي. هن وقت اڏيري لال جي آستان (کوھہ ۽ پوڄاپاٺ جي آستانن) کي سنڀاليندڙ ”ديوي ماتا“ نالي هڪڙي پرهيزگار هندو عورت آهي، پر شيخ طاهر جي مقبري جا متولي جهيجا ذات جا ماڻهو آهن، جيڪي هاڻي پاڻ کي شيخ سڏائيندا آهن. اُڏيري لال جي ميلي تي هڪ عجيب روايت آهي تہ اڏيري لال جي سماڌيءَ کي ميلي جي موقعي تي هندو کير سان ڌوئندا آهن، پر مڃتا طور ملندڙ رقم مسلمان شيخ کڻندا آهن. اڏيري لال جي مندر جي ڀت سان لڳو لڳ مسجد بہ آهي ۽ اهو سنڌ ۾ مذهبي رواداريءَ جو اعليٰ مثال آهي. اڏيري لال جي آستاني/حُجري ۾ ديوارن تي مورتين ۽ اُڏيري جي پاڻيءَ جي ديوتا جي روپ واري چترڪاري ٿيل هئي، ايوب خان جي دؤر ۾ ڪن ماڻهن ان کي رنگ هڻائي مٽائي ڇڏيو. سڄيءَ سنڌ ۾ اُڏيري لال جي عقيدتمندن، سندن نالي سان ڪيترائي مندر ٺاهيا آهن پر اڏيري لال جو مکيہ ميلو اڏيري لال واري مندر ۾ لڳندو آهي. ان کانسواءِ ڪراچي، مول شريف، روهڙي، گڏاپ ٽائون، ساڌ ٻيلي، نصرپور، سيوهڻ، گهوڙاٻاري ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي شھرن ۾ موجود اڏيري لال جي مندرن ۾ پڻ هي ميلو لڳايو ويندو آهي. هندستان جي بہ ڪيترين ئي سنڌي وسندين ۾ اُڏيري لال جا مندر موجود آهن، هند ۾ رهندڙ سنڌي کيس ’جُهولي لال‘ جي نالي سان سڏيندا آهن ۽ اُتي بہ چيٽيءَ چنڊ جو ميلو لڳندو آهي. اڏيرولال مندر: هي مندر ڪوٽڙي الھه رکيو شاھہ يا موجودہ گهوڙاٻاري (ٺٽو) کان لڳ ڀڳ 8 ڪلو ميٽر، ڳاڙهي ويندڙ روڊ تي، روڊ جي کاٻي طرف، فرلانگ کن جي مفاصلي تي واقع آهي. مندر جي نسبت سبب ’اڏيري لال‘ جي نالي سان سڏجندڙ هن ڳوٺ کي چؤطرف بند ٻڌل آهي. ورهاڱي کان اڳ هتي، سنڌي هندو واپاري ۽ سک رهندا هئا. هن وقت کٽي، خاصخيلي ۽ سيد، جڏهن تہ آسپاس شورا ۽ ڪي ٻيون ذاتيون رهن ٿيون. ڳوٺ جي وچ ۾ مندر جي ايراضيءَ کي چئني پاسن کان پڪي ڀت ڏيئي محفوظ ڪيو ويو آهي. مندر جو مُک قبو سلامت آهي، جڏهن تہ ٻيا ننڍا قبا ڊهي ويا آهن. فرانسيسي آرڪيالاجسٽ Monique Kervran، 1889ع ۾ مُک قبي سان گڏ ننڍا قبا ڏنا هئا. هي مندر سيٺ منگهن مل، ’اڏيري لال‘ جي هتي اچي ڪجهہ وقت رهڻ جي يادگار طور جوڙايو. ورهاڱي کان اڳ هتي چيٽي چنڊ جو ميلو بہ لڳندو هو. هتي 1952ع کان پرائمري اسڪول موجود آهي. هن مندر جي قدامت پنج ڇھہ سؤ سال پراڻي آهي. اڏيري لال ڳوٺ ۽ آسپاس جي آبادي، گهڻي ڀاڱي زراعت، چوپائي مال جي پالنا ۽ ماهيگيري سان وابستہ آهي. ڳوٺ ۾ هڪ ننڍڙي بازار بہ موجود آهي.


لفظ اڏيرو لالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو