اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي

اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ، مترجم ۽ تعليم دان اڌارام ٿانورداس 1833ع ڌاري حيدرآباد ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم حيدرآباد جهڙي علمي ماحول ۾، قابل استادن جي زيرنگرانيءَ ۾ ٿي، جتان کيس سنڌي ادب جي خدمت ڪرڻ جو شوق جاڳيو. اڌارام ايتروئي سٺو مترجم هوندو هو، جيترو خود طبعزاد ليکڪ هوندو هو. هن شاعريءَ ۽ نثر ۾ ڪيترن ئي ڪتابن جا بھترين ترجما ڪيا، جيڪي سنڌي ادب جو بھترين سرمايو آهن. هن ڪامسين ۽ ڪامروپ جي بيتن جو ترجمو ڪيو. سندس لکيل ڪتاب هينئر ناياب آهن. اڌارام 1853ع ۾ بنيادي تعليم جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ انگريز دور ۾ اوائلي نصابي ڪتابن جي تياريءَ دوران سنڌي پهريون ۽ سنڌي ٻيو ڪتاب بہ ترتيب ڏنا هئا. سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيل پهريون ناول ’راسيلاس‘ بہ هن ديوان نولراءِ شوقيرام سان گڏ تيار ڪيو هو جيڪو 1870ع ۾ ڇپيو هو. سنڌي ٻوليءَ جي هن نامياري ليکڪ 1883ع ۾ وفات ڪئي. سنڌي ادب ۾ سندس نالو اڄ بہ وڏي عزت ۽ احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1833.00.00  عيسوي

اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ ، مترجم ۽ تعليم دان اڌارام ٿانورداس 1833ع ڌاري حيدرآباد ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فقير محمد خان جوڻيجو
بارٽل فريئر
صبا قمر
سومر فقير هنڱورو
پير وفا راشدي ڊاڪٽر
تارڙ رفيق احمد
دوست محمد مرزادوست
خروشچيف
ريکا
علي نواز خان ڌاريجو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون