اڇ ڍنڍ

اڇ ڍنڍ: هي ڍنڍ ضلعي ٽنڊي محمد خان جي تعلقي شاھہ ڪريم بلڙي ۾ واقع ٽنڊي محمد خان کان جماري طرف ويندڙ رستي جي کاٻي پاسي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ملاڪاتيار شھر ويجهو آهي. هن ڍنڍ کي ميران شاخ مان پاڻي مهيا ٿئي ٿو، جيڪا پنڃاري واھہ مان نڪري ٿي. هن ڍنڍ ۾ مڇي جام مرندي آهي ۽ سياري ۾ تمام وڏي تعداد ۾ پکي پنهنجو ديرو ڄمائيندا آهن.


لفظ اڇ ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو