اڇ

اَڇَ: ٽنڊي باگي تعلقي ۾ هڪ ديھہ ۽ هڪ ڳوٺ. ٽنڊي باگي کان چئن ميلن جي مفاصلي تي آهي. هن ڳوٺ جي مشھور شخصيت پير علي بھادر شاھہ آهي، جيڪو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر بہ رهندو آيو آهي. هيءُ ڳوٺ درگاھہ شاھہ طُريل کان بہ چئن ميلن جي مفاصلي تي آهي. ميين موسيٰ ۽ شيخ ڀريي جون درگاهون بہ هتان چئن پنجن ميلن جي مفاصلي تي آهن. ريلوي اسٽيشن پَلھہ کان بہ هتي پهچي سگهبو آهي. ٽنڊي محمد خان تعلقي ۾ ’اَڇَ‘ جي نالي سان هڪ ڍنڍ بہ آهي.


لفظ اڇھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو