اڀيمنيون ڪيولراماڻي ڊاڪٽر

اڀيمنيون ڪيولراماڻي، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر اڀيمنيون ڪيولراماڻي پٽ ارجن داس 25 مارچ 1942ع تي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ پني عاقل شھر ۾ پنھنجي ڪلينڪ کوليائين. ڊاڪٽر ڪيولراماڻي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي، سندس ڏاڏو ويڙهو مل گهوٽڪيءَ جي هندو پئنچائت جو مکي ۽ ڊي. اي. وي اسڪول جو باني هو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ان جو صدر رهيو. سندس والد گهوٽڪيءَ جو وڏو زميندار ۽ ڪرڪيٽ ڪلب جو سرپرست هو. ڊاڪٽر ڪيولراماڻي هڪ ڪامياب ڊاڪٽر سان گڏ ادب دوست ۽ سماجي خدمتن ۾ اڳڀرو هو. ان حوالي سان سنڌ گرئجوئيٽس ايسوسيئيشن پني عاقل جو نائب صدر پڻ رهيو، سنڌي ڪتاب ۽ رسالا وڏي شوق سان پڙهندو هو، پنو عاقل جي ڪيترن ئي تعليمي ادارن جي قيام ۾ سندس عملي ڪوششون شامل هيون. بد قسمتيءَ سان ڪجهہ شرپسند عنصرن کيس اغوا ڪيو ۽ ڪجهہ ڏينهن کانپوءِ يارو لنڊ واري علائقي ۾ جنوري 1993ع ۾ کيس بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو ۽ ٻوريءَ ۾ بند سندس لاش واھہ مان هٿ آيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.03.25  عيسوي

ڊاڪٽر اڀيمنيون ڪيولراماڻي پٽ ارجن داس 25 مارچ 1942ع تي گھوٽڪيءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خواجہ معين الدين
قربان منگي
ابراهيم بلوچ
سيد صادق علي شاھہ سبزواري
ٻانڀڻيو
علي سيد خطاط
پير غلام رسول شاھہ جيلاني
ڀڳوان لالواڻي
عبدالقادر ملڪاڻي
دين محمد سيد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون