اپريل: عيسويءَ سال جي چوٿين مهيني جو نالو. اپريل لاطيني لفظ ’اپرلز‘ مان جڙيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’ڦٽڻ‘، حقيقت بہ اها آهي تہ اپريل ۾ وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا ڦٽندا آهن ۽ نوان گؤنچ ڪڍندا آهن. انهيءَ مهيني جي پهرينءَ تاريخ تي ’اپريل فول‘ ملهايو ويندو آهي، جنهن کي ’آل فول‘ بہ چيو ويندو آهي.
wikipedia
http://en.wikipedia.org/wiki/April