اِبن خردازبه

اِبن خردازبه: سندس اصل نالو ابوالقاسم عبيدالله بن عبدالله هو، پر پاڻ ابن خردازبه جي عرفيت سان مشھور ٿيو. 205ھہ/820ع ۾ ڄائو. سندس پيءُ طبرستان جو حاڪم هو، هيءُ عباسي خليفي ’معتمد‘ جي زماني ۾ ڪيتري وقت تائين جبال واري علائقي (عراق و عجم) ۾ ٽپال ۽ وقائع نگاريءَ جي منصب تي فائز رهيو. انهيءَ زماني ۾ هن پنھنجي ڪتاب، ’جغرافيہ المسالڪ والممالڪ‘ کي مرتب ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن کي مڪمل ڪندي کيس تقريباً 40 سال لڳا. مشھور اسلامي شهرن خاص ڪري عباسين جي سلطنت جي وچ ۾ جيڪي رستا آهن، تن جي متعلق هيءُ پهريون ڪتاب آهي. جيئن تہ پاڻ محڪمي جو عملدار هو، انهيءَ ڪري سندس ڪتاب جي معلومات نهايت پڪي ۽ قيمتي آهي. هن سن 300 ھہ/ 912ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0205.00.00  هجري

اِبن خردازبه: سندس اصل نالو ابوالقاسم عبيدالله بن عبدالله هو ، پر پاڻ ابن خردازبه جي عرفيت سان مشهور ٿيو . 205هه/820ع ۾ ڄائو .


0820.00.00  عيسوي

اِبن خردازبه: سندس اصل نالو ابوالقاسم عبيدالله بن عبدالله هو ، پر پاڻ ابن خردازبه جي عرفيت سان مشهور ٿيو . 205هه/820ع ۾ ڄائو .


0300.00.00  هجري

اِبن خردازبه: هن سن 300 هه/ 912ع ۾ وفات ڪئي .


0912.00.00  عيسوي

اِبن خردازبه:هن سن 300 هه/ 912ع ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد مظفر علي شاھہ مظفر
چوراسيا هري پرساد
بيگم شائسته اڪرام ﷲ
ايشوري جوتواڻي
بروهي علي احمد
سيٺ غلام حسين قاسم
ڄيٺاسنگهہ
ڀاڳچنداڻي رام نولراءِ گيان
پلي وڏيرو محمد سگهو
پير محمد شاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون