
اُنَ
اُنَ: WOOL)) هر قسم جي جانورن جي وارن جا نالا ڌار ڌار آهن. رڍن جي وارن کي اُن يا پشم چئبو آهي. اُن مان ٺهيل ڪپڙو، چادر، لباس وغيرہ پنھنجي اُڻاوت جي گهاٽائيءَ سبب هوا کي روڪڻ جي صلاحيت رکندو آهي، انهيءَ ڪري اُن کي ”گرم“ خيال ڪيو ويندو آهي.
اُن جو قدرتي رنگ ڀُورو، هئڊو، ڪارو ۽ ناسي هوندو آهي. اُن، ڪپڙن، قالينن، ڪمبلن ۽ ٻين گهڻين ئي استعمال جي شين ٺاهڻ ۾ ڪم ايندي آهي.
سنڌ ۾ اُن جابلو خطن ۾ ملندي آهي، جتي رڍون گهڻي انداز ۾ پاليون وينديون آهن. رڍون سال ۾ ٻہ ٻہ ”پٺيون“ ڏينديون آهن. اُها اُن پهريائين واپاري خريد ڪندا آهن ۽ پوءِ اُها ڪارخانن تي ويندي آهي. اُن جو ريشو لچڪدار، سَرن کان بچيل، جاذب ۽ مضبوط ٿيندو آهي. اُن مان حاصل ٿيندڙ تند جي ڊيگهہ ۽ عمدگي، جانور جي عمر کي نظر ۾ رکي ڪئي ويندي آهي. اُن, ڪئنچيءَ سان ڪتربي آهي. ڪتريل ان مان مختلف طريقن سان سڻڀ وغيرہ ڪڍڻ کان پوءِ ان کي پنھنجي مرضيءَ مطابق رنگ ڏبو آهي. يا اُن جو ڪارو سفيد قدرتي رنگ قائم رکبو آهي. اوني ڪپڙي کي بہ پنھنجي مرضيءَ مطابق رنگي سگهبو آهي. صاف ڪيل بج واري اُن مان ڪپڙي ٺاهڻ جو عمل شروع ٿيندو آهي. وولسٽيڊ ڪپڙي جو تر سخت ۽ هموار هوندو آهي. شروعات ۾ اهڙو ڪپڙو فقط ڊگهيءَ تند واريءَ اُن مان ٺاهيو ويندو هو. اُن مان سُٽ ڪتڻ واري طريقي ۾ ڪافي ترقي ٿي آهي.
رڍن مان بھترين ۽ صاف سٿري اُن حاصل ڪرڻ لاءِ هيٺين ڳالهين جو خاص خيال رکڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ تہ بھترين اُن جو سڄيءَ دنيا ۾ سٺو اگهہ ملندو آهي. جيڪڏهن اُن ڪترڻ ۾ بي ڌياني ڪئي ويندي تہ پوءِ مالڪ کي خاطرخواھہ اُجورو ملي نہ سگهندو.
(1) اُن سال ۾ ٻہ دفعا يعني مارچ ۽ اپريل ۾ ۽ ٻيو دفعو سيپٽمبر- آڪٽوبر ۾ ڪترجي.
(2) اُن هميشہ مينهن جي موسم ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪترجي، ڇوته خشڪ موسم ۽ اُس وارن ڏينهن ۾ اُن خشڪ حالت ۾ هوندي آهي. گرم ڏينهن ۾ رڍن جي جسم مان ڇڊو ۽ نرم چرٻيءَ وارو مادو نڪرندو آهي، جنهنڪري ڪترڻ ۾ آساني ٿيندي آهي.