اُم الڪتاب

اُم الڪتاب: تفسير روح المعاني ۾ آهي تہ اُم الڪتاب مان مراد لوح محفوظ بہ آهي ۽ پڻ اُهي آيتون جيڪي مطلب ۽ وضاحت لاءِ ڪنهن ٻيءَ شيءِ جون محتاج ناهن ۽ اهي پنھنجي جاءِ تي راسخ ۽ مستحڪم آهن (تن کي بہ اُم الڪتاب چيو وڃي ٿو). حضرت عبدالله بن عباس رضي عنھ کان روايت آهي تہ قرآن مجيد شروع کان ويندي آخر تائين اُم الڪتاب آهي.


لفظ اُم الڪتابھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو