اُم البنين رضي ﷲ

اُم البنين رضي : بيبي اُم البنين جو اصل اسم گرامي فاطمہ ڪلابيه هو . هيءَ پهرين عورت آهي ، جنهن سان حضرت علي عليہ السلام ، بيبي فاطمہ الزهرا بنتِ محمدصه جي رحلت کان پوءِ نڪاح ڪيو . بيبي اُم البنين پنهنجو نالو فاطمہ انهيءَ ڪري اُم البنين ۾ تبديل ڪيو ، جو جڏهن بہ کيس حضرت علي عليہ السلام فاطمہ جي نالي سان سڏيندا هئا ، تڏهن بيبي فاطمہ الزهرا جا ٻار پنھنجي ماءُ کي ياد ڪري روئندا هئا . انهيءَ ڪري بيبي فاطمہ ڪلابيه اهو طئي ڪيو تہ هوءَ اڄ کان پاڻ کي اُم البنين جي نالي سان سڏائيندي . اُم البنين جي معنيٰ آهي ” پٽن جي ماءُ “ . بيبي اُم البنين کي چار پٽ هئا ، جن مان وڏو حضرت عباس علمدار عليہ السلام هو . بيبي اُم البنين جا چارئي پٽ ڪربلا معليٰ ( نينوا ) ۾ 10 محرم الحرام 60 ھہ / مطابق 10- آڪٽوبر 680ع تي شهداءِ ڪربلا سان گڏ شھيد ٿيا .
سنڌ ۾ حضرت عباس بن علي عليہ السلام جو علم ، جيڪو حضرت امام حسين عليہ السلام پنھنجي ڀاءُ علمبردار کي ڏنو . شيعا حضرات اهڙو عَلَمَ عام طرح سان وڏي عقيدتمنديءَ سان امام بارگاهن ۽ گهرن ۾ هڻندا آهن . حضرت عباس کي اڪثر ” باب الحوائج “ جي لقب سان ياد ڪندا آهن . سنڌ ۾ حاضري ( مشڪل حل ٿيڻ کانپوءِ حضرت عباس جو نياز ) وڏي پيماني تي ٿيندي آهي . انکانسواءِ وڏين بيبين ( بيبي آمنہ ، بيبي فاطمہ بنت اسد ۽ بيبي فاطمہ ڪلابيه ) جي بہ باس ( منت ) ٿيندي آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو