اُلهاس نگر (Ulhasnagar): الهاس نگر هندستان جي رياست مھا راشتر جي ضلعي ٿاني (Thane) ۾ آباد، انتهائي خوبصورت شھر آهي. هي ورهاڱي وقت سنڌ مان لڏپلاڻ ڪري ويل سنڌي هندن جي محنتن سان وسيل شھر آهي. سنڌ مان لڏي آيل سنڌي هندن کي ڪليمن جي بدلي ۾ پهريان هن شھر کان ڪجهہ ڪلو ميٽر پرتي هڪ شھر رهڻ لاءِ ڏنو ويو، بعد ۾ اتي ٻوڏ ۽ طوفان اچڻ جي ڪري اهي ماڻهو لڏپلاڻ ڪري هتي آيا ۽ هن شھر جو نالو الهاس نگر رکيو ويو. سنڌين جفاڪشي سان هن شھر جو نالو سنڌو نگر رکيو پر اهو نالو رجسٽرڊ نہ ٿي سگهيو. هن شھر کي ڪلياڻ ڪيمپ بہ چوندا هئا، اهو ان ڪري جو ٻي مهاڀاري لڙائي دوران هتي برطانوي فوجي رهندا هئا. اهم ڪاروباري مرڪز هجڻ جي ڪري هن شھر کي مني جاپان بہ چوندا آهن، پوري دنيا ۾ مهيا ٿيندڙ جينس پينٽس جو 30 سيڪڙو هتان ويندو آهي. الهاس نگر سمنڊ جي سطح کان 62 فٽ مٿي آهي. هتان جي آبادي 2011ع جي آدمشماري مطابق 506937 هئي. جن ۾ 53 سيڪڙو مرد ۽ 47 سيڪڙو عورتون آهن. هتي رهندڙن جي اڪثريت سنڌين جي آهي. هتان جي دفتري ٻولي سنڌي آهي. هندستان جو بمبئي شھر هتان کان 60 ڪلو ميٽر اتر طرف آهي. هي شھر ممبئي ۽ پونا مکيہ ريلوي لائين تي آهي، ان کانسواءِ روڊن ذريعي بہ وڏن وڏن شهرن سان ڳنڍيل آهي. هن شھر کي ميونسپل ٽائون ۽ تعلقي هيڊ ڪوارٽر جي حيثيت حاصل آهي. ڪپڙي جي حوالي سان الهاس نگر پوري هندستان ۾ مشھور آهي. هتان جو ڪپڙو نہ رڳو پوري ملڪ اندر پر ملڪ کان ٻاهر بہ وڃي ٿو. ڪاروباري مرڪز سان گڏوگڏ هي علمي ادبي ۽ صحافتي مرڪز پڻ آهي. هتان سنڌيءَ جون مشھور اخبارون ۽ رسالا شايع ٿي سڄي ڀارت ۾ وڃن ٿا. جن ۾ ’سنڌي ٽائيمس‘، ”سنڌو سنسار‘، ”هند واسي‘، ’ڀارت جيون‘، ’نيو سنسار سماچار‘، ’دنيا‘، ’رهبر‘، ’ڪلياڻ سماچار‘، ’چنگاري‘، ’نگر واسي‘ وغيرہ شامل آهن. انهن اخبارن ۾ نارايڻ ڀارتي طرفان شروع ڪيل ’سنڌي ٽائيمس‘ ۽ ’هند واسي‘ تمام گهڻيون مقبول آهن ۽ انهن کي ڀارت جي سڀني سنڌين کي پاڻ ۾ ملائي رکڻ جي پل سمجهيو وڃي ٿو. هتان 20 جي لڳ ڀڳ سنڌي اخبارون شايع ٿين ٿيون. الهاس نگر تعليمي ميدان ۾ پڻ گهڻو اڳتي آهي. هتي ڪيترائي اسڪول، ڪاليج، انسٽيٽيوٽ موجود آهن، جيڪي علمي روشني ڦهلائي رهيا آهن، جن ۾ ايس. ايس. ٽي ڪاليج آف آرٽس اينڊ ڪامريس، ايس. ايم. ٽي چندي ٻائي همت هل مانسکاڻي ڪاليج ۽ آر. ڪي تلريجا ڪاليج وغيرہ شامل آهن. سائين جي. ايم. سيد جو ادبي استاد حشو ڪيولراماڻي بہ ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ الهاس نگر ۾ رهيو هو، جتي هو هڪ طوفاني رات فوت ٿي ويو. شيخ اياز هڪ نظم بہ لکيو هو:
الهاس نگر جي تيز هوا،
ڪنهن وقت حشوءَ کي ڳولي ٿي!
ان کانسواءِ هن شھر ۾ ٻيون بہ ڪيتريون ئي علمي ادبي شخصيتون آباد ٿيون جن مان ڪي پرلوڪ پڌاري ويون ۽ ڪي اڃا حال حيات آهن. الهاس نگر رهڻي ڪهڻي ۽ ثقافتي حوالي سان سنڌ جو ڪو شھر لڳندو آهي. هتي ڪيتريون ئي ڌرم شالائون پڻ آهن.