اَڌ گول ڦڻي: ڦڻيءَ جو هڪ قسم، جيڪا ڪاٺيءَ مان ٺاهين. سُٺي ڦڻي ڪَهوءَ جي ڪاٺ مان ٺھي. هيءَ ڦڻي مردن جي استعمال لاءِ هوندي آهي، جيڪا بلڪل نانگ جي ڦڻ وانگر هوندي آهي، جنهن جي فقط هڪ پاسي سنها ڏندا ٿين. ڪيترا مرد جيڪي وڏا وار رکن، اهي وارن ۾ ڦڻي هڻي مٿان پٽڪو ٻڌيو ڇڏين.