اَٺين ترميم

اَٺين ترميم: 11 نومبر 1985ع تي غيرجماعتي چونڊن جي نتيجي ۾ چونڊجي آيل قومي اسيمبليءَ، 1973ع جي آئين ۾ اٺينءَ ترميم جي منظوري ڏني. هن ترميم جو بنيادي مقصد صدر مملڪت جي اختيارن ۾ اضافو ڪرڻ هو. اٺين ترميم سبب آئين جي 19 فقرن ۾ تبديليون آيون، پر انهن سڀني مان شق 58 (2) -B جو آئيندي جي سياست تي تمام گهرو اثر پيو. هن ئي فقري موجب صدر کي اهو اختيار ملي ويو تہ جڏهن بہ هو ڏسي تہ وفاق پاڪستان جو انتظام آئين مطابق نٿو هلائي سگهجي، تہ هو قومي اسيمبلي ٽوڙي سگهي ٿو، ۽ ان کان پوءِ هو پنھنجي مرضيءَ موجب 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائيندو. اٺين ترميم جي منظوريءَ کان اڳ وزيراعظم جي چونڊ قومي اسيمبلي ڪندي هئي، پر ترميم کان پوءِ صدر قومي اسيمبليءَ جي ڪنهن بہ ميمبر کي پنھنجي اختيارن هيٺ وزيراعظم مقرر ڪري پئي سگهيو، جنهن کي 40 ڏينهن اندر اسيمبليءَ مان اعتماد جو ووٽ وٺڻو هو.
هن ترميم هيٺ 29 مئي 1988ع تي صدر جنرل محمد ضياءُ الحق، وزيراعظم محمد خان جوڻيجي کي برطرف ڪري، اسيمبلي ٽوڙي. وري 6 آگسٽ 1990ع تي صدر غلام اسحاق خان، محترمہ بينظير ڀٽو جي وزارت عظميٰ، اسيمبلي ٽوڙي ختم ڪئي. ان کانپوءِ 18 اپريل 1993ع تي صدر غلام اسحاق خان، محمد نواز شريف کي وزيراعظم جي عهدي تان برطرف ڪري، اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي. 5 نومبر 1996ع تي صدر فاروق احمد لغاري، وزيراعظم محترمہ بينظير ڀٽو کي هٽائي، اسيمبليءَ کي ختم ڪري ڇڏيو. 3 فيبروري 1997ع تي نين چونڊن ۾ مسلم ليگ (نواز شريف گروپ) وڏيءَ اڪثريت سان کٽيو ۽ اُنهيءَ اسيمبليءَ نوازشريف کي وزيراعظم چونڊيو، جنهن 31 مارچ 1997ع تي قوم کي خطاب ڪندي اٺين ترميم جي خاتمي جو اعلان ڪيو ۽ اسيمبليءَ جي ان فيصلي کي صدر فاروق احمد خان لغاريءَ خوشيءَ سان قبول ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1985.11.11  عيسوي

اَٺين ترميم: 11 نومبر 1985ع تي غيرجماعتي چونڊن جي نتيجي ۾ چونڊجي آيل قومي اسيمبليءَ ، 1973ع جي آئين ۾ اٺينءَ ترميم جي منظوري ڏني .


1988.05.29  عيسوي

هن ترميم هيٺ 29 مئي 1988ع تي صدر جنرل محمد ضياءُ الحق ، وزيراعظم محمد خان جوڻيجي کي برطرف ڪري ، اسيمبلي ٽوڙي .



علم سياست - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اَٺين ترميم
راشٽرپتي
علم سياست ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون