اَهَنرُ/ اهِنيَرُ: شاديءَ جي هڪ رسم موجب گهوٽ جو محافظ سندس سڳو عزيز ٿيندو آهي، جيڪو ونواھہ کان وٺي لانئُن لھڻ تائين گهوٽ سان رات ڏينهن گڏ هوندو آهي. لاچاريءَ جي حالت ۾ دوست وغيرہ بہ اها خدمت انجام ڏيندا آهن. ’اهنير‘ جون هيٺيون ذميداريون ٿينديون آهن:
(1) اهنير کي ساڳيا گهوٽ وارا ڳانا ٻڌبا آهن ۽ مينديءَ وغيرہ جي رسمن ۾ بہ گهوٽ جھڙا سوڻ ساٺ ڪيا ويندا آهن.
(2) اهنير پنھنجي هٿ ۾ تلوار، ڪاتِي يا ڇري پاڻ سان گڏ رکندو آهي ۽ گهوٽ ڪيڏانهن بہ ويندو تہ ان سان گڏ ويندو آهي.
(3) نڪاح يا لانئن تي وڃڻ کان اڳ گهوٽ کي وهنجڻ، آڍ مک ڪرڻ ۽ ڪپڙن پارائڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
گهوٽ لانئن تي ويندو تہ ان مھل اهنير جي ذميداري ختم ٿي ويندي. شاديءَ کان پوءِ اهنير کي گهوٽيتن جي طرفان نئون وڳو ۽ اجرڪ تحفي ۾ ملندي آهي.
’اَهنيرَ‘ کي ڪن خطن ۾ ’انهيار‘ بہ چوندا آهن. سنڌ ۾ هندو توڙي مسلم برادرين جي اڪثر ذاتين ۾ اها رسم ادا ڪندا آهن. ڪن ذاتين ۾ اهو ڪردار گهوٽ جو سالو (ڪنوار جو ڀاءُ) ادا ڪري تہ ڪن ذاتين ۽ قبيلن ۾ وري گهوٽ جو ويجهو سؤٽ ماسات يا گهوٽ جو گهاٽو دوست اها ريت نڀائيندو آهي.
اَهنيرَ ونواھہ کان شادي ٿيڻ تائين گهوٽ سان گڏوگڏ هوندو آهي، ۽ پيٺي، ميندي، موڙ، چُوريءَ، بُسرين، مطلب تہ مڙني رسمن ۾ جيئن گهوٽ کي ساٺ ڪن، تيئن اَهنير کي بہ ساٺ ڪن. اَهنير کي ساٺن دوران چرچا بہ ڪن تہ جُٺ بہ ڪن. اَهنيرَ گهوٽ جي سنڀال ڪندڙ بہ ٿيندو آهي. ٿرپارڪر ۾ سماٽ ذاتين ۾ اهنيرَ کي ”اڻوهو“ يا ”اڻهيار“ بہ ڪوٺين.
شاديءَ جي ريتن رسمن ۾ جڏهن مسلمانن ۾ نڪاح پوي ۽ هندن ۾ اگنيءَ جا ڦيرا ٿين تہ پوءِ اَهنيرَ آجو ٿيندو آهي .