اَمانت گل

اَمانت گل

اَمانت گل

اَمانت گل (موسيقار ):موسيقار امانت گل جو جنم 1966ع ۾ ٿيو، سندس والد جو نالو فيروز گل (موسيقار) آهي. علم موسيقي سندس خانداني ورثو آهي. امانت گل سنڌ جو ننڍي وهيءَ وارو موسيقار هو، شروعاتي تعليم پنھنجي چاچي موسيقار مرحوم ضامن علي عرف ببر علي خان کان حاصل ڪيائين. امانت گل ننڍيءَ عمر ۾ ڳائڻ ۽ ڪيسٽ ڪڍڻ وارو فنڪار هو. پارس ڪمپني امانت گل جا اٽڪل 12 البم رليز ڪيا. موسيقار ٿيڻ لاءِ امانت گل باقاعدي تربيت پنھنجي والد مرحوم فيروز گل کان ورتي. سنڌي فلم ”درياھہ خان“ ۾ پنھنجي والد فيروز گل سان اسسٽنٽ طور گڏجي ڪم ڪيائين. امانت گل پنھنجي حياتيءَ ۾ سُٺي آواز جي مالڪن محمد يوسف، عالمگير، مهناز، مهدي حَسن، ناهيد اختر، ترنم ناز ۽ نصيبو لال، حميرا چنا ۽ سجاد يوسف جا ڪيترا گيت ڪمپوز ڪيا. هن گل فلم کانسواءِ پي. ٽي. وي سينٽر ڪراچي ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کي يادگار گيت ۽ گانا ڏنا. امانت گل عابدہ پروين سان بہ گڏ رهيو ۽ سندس ئي خواهش مطابق آئيڊيل موسيقار آر. ڊي برمن کان سڳو ٻڌرايو. امانت گل پاڪستان جي عظيم موسيقار نثار بزميءَ کان بہ هارمونيم جي سکيا ورتي ۽ طافو خان جي ڀاءُ نثار حسين کان بہ سڳو ٻڌرايو ۽ موسيقيءَ جي سکيا ورتي. هن نامياري موسيقار 2011ع ۾ وفات ڪئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1966  عيسوي

موسيقار امانت گل جو جنم 1966ع ۾ ٿيو.


00.00.2011  عيسوي

اَمانت گل 2011ع ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اي ڊي خواجہ
شيخ عبدالڪريم سنڌي
ارباب ڇڄڙو
ستار زنگيجو
انور سيال
سيد محمد عالم شاھہ عالم
رحيم بخش بدوي
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
الطاف قادري
راهب فقير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون