اي ايم قريشي

اي. ايم. قريشي: ڪراچيءَ جو مسلم ليگي رهنما. 1917ع ۾ ڪاٺياواڙ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ ڄائو. 12 سالن جي عمر ۾ محنت مزدوري ڪرڻ شروع ڪيائين. 1939ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٽرانسپورٽ جو ڪم شروع ڪيائين. آهستي آهستي سندس ڪاروبار ترقي ڪرڻ لڳو. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ هن لڏي آيل بي يار و مددگار ماڻهن جي ڀرپور مدد ۽ خدمت ڪئي. هن اسلاميہ سائنس ڪاليج، اسلاميہ لا ڪاليج ۽ اسلاميہ ڪامرس ڪاليج الڳ الڳ قائم ڪيا. سندس تعليمي خدمتن جي پيش نظر صدر ايوب خان کيس ”سرسيد ثاني“ چوندو هو. 1948ع ۾ ڪراچي مسلم ليگ جو صدر چونڊيو. 1949ع ۾ پاڪستان مسلم ليگ جو خزانچي ۽ 1954ع ۾ سنڌ صوبائي مسلم ليگ بورڊ جو ميمبر ٿيو. 1956ع ۾ ڪراچيءَ مان اولھہ پاڪستان جي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ 1962ع ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. هن 23 جون 1989ع تي وفات ڪئي. ڪراچيءَ ۾ پنھنجي قائم ڪيل اسلاميہ ڪاليج ۾ دفن ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1917.00.00  عيسوي

اي ايم قريشي1917ع ڪاٺياواڙ ۾ ڄائو


1989.06.23  عيسوي

اي ايم قريشي 23 جون 1989ع تي وفات ڪئي



سياسي ۽ سماجي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اعجاز جکراڻي
بينظير ڀٽو شھيد
اڪبر خان بگٽي
آغا بدرالدين دراني
احمد علي مجذوب
بشير خان قريشي
اي ايم قريشي
اڪرام ﷲ ڌاريجو
اياز سومرو
الاهي بخش پير
سياسي ۽ سماجي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون