اي. آر ملڪ

اي. آر ملڪ

اي آرملڪ ڊاڪٽر

اي. آر. ملڪ، ڊاڪٽر: تعليمي ماهر، استاد ۽ محقق، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحيم ملڪ، گهوٽڪيءَ ۾ 25 فيبروري 1941ع تي حاجي ڪريم بخش ملڪ جي گهر ۾ ڄائو. 1964ع ۾ بي. ايس سي ۽ 1965ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. ايس سي ڪرڻ بعد، ساڳي ئي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. پڙهائڻ سان گڏوگڏ 1970ع ۾ سڊني يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. ڪيترائي مضمون ۽ ڪتاب پڻ لکيا اٿس، جن ۾ ”دنيا جا قدرتي خطا“، ”بياباني ٻوٽا“، ۽ ”سامونڊي ٻوٽا“ مشھور آهن. ان کان سواءِ سندس ڪيترائي تحقيقي مضمون ڇپجي چڪا آهن. خيرپور ضلعي ۾ ”مينهن کان کجيءَ جي وڻن جي بچاءُ“ ۽ ”بياباني ٻوٽن جي مطالعي“ بابت ٻہ وڏا تحقيقي ڪم سندس نگرانيءَ ۾ پورا ٿيا. جڏهن تہ گهوٽڪيءَ ۾ سندس نگرانيءَ هيٺ ”ملڪ ايڊيوڪيشن سوسائٽيءَ“ طرفان ٻہ ادارا ”اماره ماڊل هاءِ اسڪول“ ۽ ”اماره ايڊيوڪيشن ڪاليج“ قائم ڪيا ويا. پاڻ نئشنل بوڪ فائونڊيشن جو ڊائڪريٽر (79- 1973ع)، چيئرمئن مائڪرو بايولاجي (73-1972ع)، ڊائريڪٽر فئڪلٽي آف سائنسز، شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي ۽ ٻين عهدن تي رهي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.02.25  عيسوي

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحيم ملڪ ، گهوٽڪيءَ ۾ 25 فيبروري 1941ع تي ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راجيش کنا
لطيف اياز پنهور
شير شاھہ سوري
حامد علي مرزا
الحاج غلام مصطفيٰ شاھہ
اليگزينڊر برنس
اٽل رام سوامي
ظھور خان ڀوپنگ نواز
ٺارومل بجاج
چانهيو محمد هاشم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون