ايڇ جي ويلز

ايڇ. جي. ويلز: انگريزي ٻوليءَ جي نامور ناول نگار ايڇ. جي ويلز 21 سيپٽمبر 1866ع تي ڪينٽ ۾ جنم ورتو. هن رائل ڪاليج آف سائنس ۽ لنڊن يونيورسٽيءَ مان مشھور سائنسدان پروفيسر هڪسليءَ کان بايولاجيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. تعليم حاصل ڪرڻ دوران هن مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ زندگي جي مختلف موضوعن تي مضمون لکيا. هن انگريزي ادب ۾ ڪافي واڌارو ۽ بهتري آندي. هن سائنس بابت خيالي ناول بہ لکيا آهن، جن مان ’ٽائم مشين‘ 1895ع ۾ شايع ٿيو. هي ناول تعميراتي ۽ سائنسي جوڙ جڪ جي لحاظ سان جولس ور جي ڪتاب سان ملندڙ جلندڙ آهي. ان قسم جا ٻيا ناول ’وار آف دي ورلڊ‘ (1989ع) ۽ ’اينا ويرو نيڪا‘ لکيائين، جن ۾عورتن جي آزاديءَ جي حق ۽ پنھنجي دور جي انگريزن جي زندگيءَ بابت لکيو ويو آهي. هن ڪيتريون مزاحيا ڪهاڻيون بہ لکيون آهن.
ايڇ. جي ويلز 13 آگسٽ 1946ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1866.09.21  عيسوي

انگريزي ٻوليءَ جي نامور ناول نگار ايڇ. جي ويلز 21 سيپٽمبر 1866ع تي ڪينٽ ۾ جنم ورتو.


1946.08.13  عيسوي

ايڇ. جي ويلز 13 آگسٽ 1946ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام حسين ٻگهيو
چغتائي عصمت
حاجي محمود ’خادم‘
حميد سنڌي
ڏيپلائي محمد علي
سانول جمالي
سيال احمد خان
بادل جمالي
عبدالقيوم صائب
رئوف نظاماڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون