ايوب عمراڻي

ايوب عمراڻي

ايوب عمراڻي

ايوب عمراڻي: ڪھاڻيڪار، شاعر، ڊرامه نگار ۽ ناول نويس ايوب عمراڻي جو پورو نالو محمد ايوب ولد محمد اسماعيل عمراڻي آهي. هن 28 اپريل 1966ع تي ڳوٺ شاھہ اويس قرني، تعلقي مانجهند، ضلعي ڄامشوري ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان، مڊل مانجهند مان، مئٽرڪ هاءِ اسڪول سن ۽ انٽر سٽي ڪاليج حيدرآباد مان ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. ڪاليج ۾ پڙهڻ دؤران خدا بخش جويي کان ڪيليگرافي جي سکيا ورتي. 1982ع کان روزاني ’مھراڻ‘ اخبار ۾ ڪيليگرافيءَ ڪئي. 1985ع کان روزاني ’عبرت‘، ’هلال پاڪستان‘، ’ناظم ڪراچي‘، ’سنڌ نيوز‘ ۽ ٻين ڪيترن ئي اخبارن ۾ ڪم ڪيو. 1991ع کان ’سنڌ نيوز‘ ۾ ٽي سال لاڳيتو ”من اندر جي ڳالھہ“ جي عنوان سان ڪالم لکيا. ان کانسواءِ مختلف اخبارن م سياسي موضوعن تي بہ لکندو رهيو. 1981ع ۾ جيئي سنڌ لطيف سنگت جو مرڪزي پريس سيڪريٽري رهيو. جنھن بعد جساف ۽ جسقم (آريسر) ۾ ضلعي عھديدار ۽ جئمسٽ ڪائونسل جو ميمبر رهيو. 1996ع ۾ سياسي سرگرمين سبب سن مان گرفتار ٿيو ۽ 6 مھينا جيل ۾ رهيو. 1988ع ۾ پرائمري استاد، 2009ع ۾ ڪميشن پاس ڪري پھرين ليڪچرر ۽ پوءِ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو. هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دؤران پھرين شاعري ۽ پوءِ 1979ع ۾ ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون. سندس لکيل 60 کان وڌيڪ اسٽيج ڊراما يونس سنائيءَ جي هدايتڪاري هيٺ پيش ٿيا. 50 کن ٽي. وي ڊراما ۽ 10 ٽيلي فلمون ڪي. ٽي. اين، سنڌ ٽي وي ۽ ٻين سنڌي چئنلن تان نشر ٿيون. سندس ڪيتريون ئي ڪھاڻيون هزار داستان ۾ ڇپيون. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”ضميرن جي دڪان تي“ (ڪھاڻيون: 2019ع) ۽ ”دوزخ“ (ناول: 2019ع) شامل آهن. هي سنڌي ادبي سنگت مانجهند، سنائي آرٽس سرڪل ۽ شاھہ حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي، سن سان وابستہ رهيو. کيس ادبي خدمتن عيوض لطيف سنگت پاران بيسٽ رائيٽر اوارڊ 1983ع، گل ڦل ميگزين پاران بيسٽ آرٽيڪل اوارڊ 1985ع، سنائي آرٽس سرڪل پاران بيسٽ اسٽوري رائيٽر اوارڊ 1993ع، سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران بھترين ليکڪ اوارڊ 2005ع، سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران بھترين ڊراما رائيٽر اوارڊ 2010ع، مير محمد ’ميرل جويو‘ بھترين ڊراما رائيٽر اوارڊ 2010ع، ايوب سماريا فائونڊيشن پاران اوارڊ 2011ع، عبرت پبليڪيشن پاران بيسٽ اسٽوري رائيٽر اوارڊ 2013ع، سنڌ نوجوان ترقي پسند تنظيم پاران بيسٽ فلم اوارڊ 2015ع ۽ ٻيا ڪيترائي اوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ مليا. ايوب عمراڻي ”جمال ابڙي ۽ شيخ اياز جي ڪھاڻين جو تقابلي جائزو ۽ اسلوب“ جي موضوع تي سنڌ يونيورسٽي مان ايم فل ڪري رهيو هو. هن 2 فيبروري 2019ع تي روڊ حادثي سبب وفات ڪئي. کيس شاھہ حيدر سنائي واري قبرستان، سن شھر ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ ايوب عمراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.04.28  عيسوي

ڪھاڻيڪار، شاعر، ڊرامه نگار ۽ ناول نويس ايوب عمراڻي جو پورو نالو محمد ايوب ولد محمد اسماعيل عمراڻي آهي. هن 28 اپريل 1966ع تي ڳوٺ شاهه اويس قرني، تعلقي مانجهند، ضلعي ڄامشوري ۾ جنم ورتو.


2019.02.02  عيسوي

ايوب عمراڻي 2 فيبروري 2019ع تي روڊ حادثي سبب وفات ڪئي. کيس شاهه حيدر سنائي واري قبرستان، سن شھر ۾ دفن ڪيو ويو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حشمت پارواڻي
حيدر بخش عزيز گوپانگ
لڇمڻ ڀنڀاڻي
انتظار حسين ڇلڳري
امر جليل
قلندر شاھہ لڪياري
لطف الله بدوي
شاهد احمد دهلوي
غلام رضا بيگ مرزا
چرنداس سھاڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون