اينگلو ورنيڪيولر اسڪول سکر

اينگلو ورنيڪيولر اسڪول سکر: هيءُ اسڪول سکر شھر جو پهريون انگريزي اسڪول هو، جيڪو 60- 1859ع ڌاري ميونسپل هال ۾ کوليو ويو هو. ان ۾ پهريائين چئن درجن تائين تعليم ڏيڻ شروع ڪئي وئي. بعد ۾ ملٽري کاتي جي هڪ بلڊنگ ۾ ان اسڪول کي شفٽ ڪيو ويو، جتي ڇھن درجن تائين تعليم وڌائي وئي. 1911ع ڌاري ان اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو. 1920ع ۾ اسڪول تي ”تلڪ هاءِ اسڪول“ نالو پيو ۽ بعد ۾ سکر جو وڏو اسڪول بڻيو، جنهن کي هاڻي ”گورنمينٽ هاءِ اسڪول سکر“ چيو ويندو آهي، جيڪو سکر ۾ منارا روڊ تي آهي. ان جي هڪ پاسي اوريئنٽل ڪاليج آهي تہ ٻئي طرف ٿورو پرڀرو معصوم شاھہ جو منارو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.00.00  عيسوي

اينگلو ورنيڪيولر اسڪول سکر: هيءُ اسڪول سکر شهر جو پهريون انگريزي اسڪول هو ، جيڪو 60- 1859ع ڌاري ميونسپل هال ۾ کوليو ويو هو .


1911.00.00  عيسوي

اينگلو ورنيڪيولر اسڪول سکر: 1911ع ڌاري ان اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو . 1920ع ۾ اسڪول تي ” تلڪ هاءِ اسڪول “ نالو پيو ۽ بعد ۾ سکر جو وڏو اسڪول بڻيو ،



درسگاھه - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي
سينٽ جوزف ڪانوينٽ هاءِ اسڪول ڪراچي
ريجهارام لائبريري
غوثيه رضويه مدرسو
خالد ميموريل بوائز اسڪول حيدرآباد
سنڌي ٻوليءَ ۾ ايم فل جو ڪورس علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي
سنڌي شعبو ممبئي يونيورسٽي
درسگاھہ هاشميه
شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ميوزڪ اسڪول ڀٽ شاھہ
اين اي ڊي يونيورسٽي
درسگاھه ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون