ايم ڪيو ايم حقيقي

ايم ڪيو ايم حقيقي: هي ايم ڪيو ايم کان ڌار ٿيندڙ گروپ آهي، جيڪو 1991ع ۾ وجود ۾ آيو. ائين ڪجهہ عرصي تائين ٻئي ڌڙا ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ)۽ ايم ڪيو ايم (حقيقي گروپ) جي نالي سان ڪم ڪندا رهيا. حقيقيءَ جي اڳواڻن ۾ عامر خان ۽ آفاق احمد مکيہ اڳواڻ آهن، جيڪي الطاف حسين جا ويجها ساٿي رهيا هئا. اڳتي هلي الطاف حسين پنھنجي گروپ جو نالو ”مهاجر قومي موومينٽ“ مان بدلائي متحدہ قومي موومينٽ رکيو، پر حقيقي گروپ پنھنجي نالي ۾ ”مهاجر“ لفظ شامل رکيو. هڪ عرصو اهي ٻئي گروپ هڪ ٻئي سان تڪراري رهيا. 1992ع ۾ وڌندڙ هنگامن ۽ ڇڪتاڻ جي ڪارروائين کي روڪڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير مظفر حسين شاھہ فوج طلب ڪئي ۽ ڪراچيءَ ۾ آپريشن شروع ڪيو. ان وقت الطاف گروپ حڪومت کان ڌار ٿي ويو تہ ان جي جاءِ تي ايم ڪيو ايم حقيقي حڪومت ۾ شامل ٿي. ائين حقيقي گروپ کي سرڪاري مڃتا ملي، پر 1993ع جي چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) ٻيهر چونڊن ۾ کٽيو ۽ حقيقي گروپ کي ڪا خاطر خواھہ ڪاميابي حاصل نہ ٿي سگهي، ان جي برعڪس ٻيو گروپ ڪنهن نہ ڪنهن شڪل ۾ حڪومت ۾ شامل رهيو. ان کان پوءِ وارين چونڊن ۾ حقيقي گروپ ڪراچيءَ مان هڪ ٻہ سيٽون کٽيون.


لفظ ايم ڪيو ايم حقيقيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1991.00.00  عيسوي

ايم ڪيو ايم حقيقي: هي ايم ڪيو ايم کان ڌار ٿيندڙ گروپ آهي ، جيڪو 1991ع ۾ وجود ۾ آيو .



سياسي پارٽيون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آل انڊيا ڪانگريس
آل انڊيا مسلم ليگ
پاڪستان مسلم ليگ
پاڪستان جمهوري پارٽي
پاڪستان پيپلز پارٽي
آل پارٽيز حريت ڪانفرنس
انڊين نيشنل ڪانگريس
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل
پاڪستان مسلم ليگ ق
پاپولر يونٽي
سياسي پارٽيون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون