ايم اي راجا

ايم اي راجا

ايم اي راجا

ايم اي راجا: سنڌي ۽ اردو ڊرامن جي مشھور اداڪار ايم اي راجا جو پورو نالو عبدالفتاح ولد محمد عمر سھتو آهي. سندس جنم پھرين مارچ 1959ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1977ع ۾ ايم. اي (معاشيات) جي ڊگري حاصل ڪئي. کيس ننڍپڻ کان ئي اداڪاريءَ جو شوق هو. هن پنھنجي فن جي شروعات بسنت هال، مھراڻ آرٽس ڪائونسل ۽ زبيدہ ڪاليج ۾ اسٽيج ڊرامن سان ڪئي. سندس پھريون اسٽيج ڊرامو ’راڻيءَ جي ڪھاڻي‘ هو، جيڪو ’غلام حيدر صديقي‘ جي هدايتن هيٺ پيش ٿيو. سندس مشھور ڊرامن ۾ ’ملڪيت‘، ’ڌٻڻ‘، ’سج گرهڻ‘، ’راڻيءَ جي ڪھاڻي‘، ’ماروي‘، ’آنڌي‘ (اردو)، ’تپش‘ (اردو)، ’ديوارين‘ (اردو)، ’جنگل‘ (اردو)، ’مقصوم‘ (اردو) ۽ ’يه جھان‘ (اردو) شامل آهن، فني مڃتا طور کيس ڪافي ايوارڊ بہ مليل آهن. ڪافي عرصو خاندان سميت آمريڪا ۾ رهڻ کان پوءِ هن وقت حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ ايم اي راجاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.03.01  عيسوي

سنڌي ۽ اردو ڊرامن جي مشھور اداڪار ايم اي راجا جو پورو نالو عبدالفتاح ولد محمد عمر سھتو آهي. سندس جنم پھرين مارچ 1959ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسماعيل چانڊيو
پوپ جاهن پال
شيخ صادق علي انصاري
ٿامس هينري ونس
ڄام مهتاب ڏهر (سياستدان)
پارپتي رميش لعل آڏواڻي
سُھائي ٽالپر
افشان احمد
پرويز مشرف
ڀانيرا بابا پيارا سنگهہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون