ايشور آنچل

ايشور آنچل

ايشور آنچل

ايشور آنچل: ايشور آنچل هند ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب ۽ نقاد هو. سندس اصل نالو ايشور نارائڻ داس شرما ’آنچل‘ هو. 2 آڪٽوبر 1928ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. شاعري سندس پسنديده شغل هو. سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: (1) ’پيار ۽ پئسو‘، (2) ’گهنڊ پيو گُڙي‘ (1967ع)، (3) ’خاڪ لپ‘ (1974ع)، (4) ’پاڇولا سانجهيءَ جا‘ (1982ع)، (5) ’پنڌ تتل واريءَ تي‘ (1990ع)، (6) ’آتم جي تلاش‘ (1993ع) ۽ (7) ’ٽانڊاڻا انڌيري رات ۾‘ (1994ع). آخري ڪتاب تي کيس سال 1997ع لاءِ مرڪزي ساهت اڪادمي انعام مليو. هن 5 جولاءِ 1998ع ڌاري الھاس نگر (بمبئي) ۾ وفات ڪئي.


لفظ ايشور آنچلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.10.02  عيسوي

ايشور آنچل 2 آڪٽوبر 1928ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو .


1998.00.00  عيسوي

ايشور آنچل 1998ع ڌاري الهاس نگر( بمبئي ) ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الحاج سيد حاجي عبدالرحيم شاهه
حبيب حضوري
محمد حسين سومرو
سيد جلال شيرازي ٺٽوي
رئيس محمد اسحاق خان گبول
روپا راڻي
طلعت اقبال
عشرت العباد
راڻو چندن
بچو بادشاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون