ايس ايم لا ڪاليج (ٽنڊو الهيار)

ايس. ايم. لا ڪاليج (ٽنڊوالهيار ):هن نالي سان هڪ ڪاليج تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ نصرپور روڊ تي واقع آهي، جيڪو ماڊل ايڊيوڪيشنل ڪوآپريٽو سوسائٽي، ٽنڊي الهيار جي سرپرستيءَ هيٺ 1956ع ۾ قائم ڪيو ويو. هن ڪاليج کي 1972ع ۾ سرڪار جي نگرانيءَ ۾ ڏنو ويو. 1974ع ۾ هن ڪاليج کي ڊگري ڪاليج جو درجو ڏنو ويو ۽ پڻ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري سان منسلڪ ڪيو ويو. 1990ع ۾ ڪاليج کي نئين عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو. هيءُ ڪاليج اٺن ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. هن وقت هيءُ ڪاليج مختلف مضمونن ۾ ڊگري ڪورس ڏيئي رهيو آهي، جھڙوڪ: اقتصاديات، پوليٽيڪل سائنس، مسلم هسٽري ۽ اسلامي ڪلچر وغيرہ. هن ڪاليج ۾ شاگردن کي ڪرڪيٽ، بيڊمنٽن، فٽ بال ۽ هاڪيءَ جهڙيون رانديون پڻ ڪرايون وينديون آهن. هن ڪاليج جي لائبرريءَ ۾ چار هزار ڪتاب آهن. هن ڪاليج ۾ فزڪس، ڪيميسٽري، باٽني ۽ زولاجيءَ جي تجرباتي سکيا لاءِ ليبارٽريون پڻ موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.00.00  عيسوي

ايس . ايم . لا ڪاليج ( ٽنڊوالهيار ) : هن نالي سان هڪ ڪاليج تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ نصرپور روڊ تي واقع آهي ، جيڪو ماڊل ايڊيوڪيشنل ڪوآپريٽو سوسائٽي ، ٽنڊي الهيار جي سرپرستيءَ هيٺ 1956ع ۾ قائم ڪيو ويو .


1972.00.00  عيسوي

ايس . ايم . لا ڪاليج ( ٽنڊوالهيار ) : هن نالي سان هڪ ڪاليج تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ نصرپور روڊ تي واقع آهي ، جيڪو ماڊل ايڊيوڪيشنل ڪوآپريٽو سوسائٽي ، ٽنڊي الهيار جي سرپرستيءَ هيٺ 1956ع ۾ قائم ڪيو ويو . هن ڪاليج کي 1972ع ۾ سرڪار جي نگرانيءَ ۾ ڏنو ويو .



درسگاھه - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنڌي سرڪل
پبلڪ اسڪول حيدرآباد
جامعہ عربيه هاءِ اسڪول حيدرآباد
ڪراچي يونيورسٽي
سينٽ جوزف ڪانوينٽ هاءِ اسڪول ڪراچي
سينٽ پالس هاءِ اسڪول ڪراچي
سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد
درسگاھہ سرينواري
درسگاھہ مصلح الدين
اسرا يونيورسٽي
درسگاھه ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون