ايس ايم فاطمہ جناح گرلز اسڪول

ايس. ايم. فاطمہ جناح گرلز اسڪول: سيپٽمبر 1942ع ۾، سنڌ مدرسي بورڊ طرفان ڪراچيءَ ۾ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ مسٽر عبدالرحمان جي بنگلي ۾ هڪ اسڪول کوليو ويو، جيڪو آهستي آهستي ترقي ڪندو هڪ مقبول اسڪول بڻجي ويو. 1947ع ۾ اسڪول جي لاءِ هڪ ايراضي حاصل ڪري، محترمہ فاطمہ جناح کان پيڙھہ جو پٿر رکرائي، سندن ئي نالي سان منسوب ڪيو ويو. 1953ع ۾، هن اسڪول کي هڪ ٻي عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو. هن وقت، انهيءَ اسڪول ۾ ٻن هزارن کان مٿي ڇوڪريون تعليم پرائي رهيون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.09.00  عيسوي

ايس . ايم . فاطمه جناح گرلز اسڪول: سيپٽمبر 1942ع ۾ ، سنڌ مدرسي بورڊ طرفان ڪراچيءَ ۾ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ مسٽر عبدالرحمان جي بنگلي ۾ هڪ اسڪول کوليو ويو ،



درسگاھه - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سينٽ پيٽرڪ اسڪول ڪراچي
خالد ميموريل بوائز اسڪول حيدرآباد
سنڌي سرڪل
درسگاھہ چوٽياري
سروري اسلاميہ ڪاليج هالا
چيلاسنگهہ سيتل داس ڪاليج
صدرالدين بکريءَ جي درسگاھہ
ڪراچي يونيورسٽي
سنڌي شعبو اوساڪا يونيورسٽي جپان
درسگاھہ مصلح الدين
درسگاھه ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون