ايسٽ وڪ وليم جوزف

ايسٽ وِڪ وليم جوزف: انگريز منتظم، مصنف ۽ ڪمانڊر، جيڪو 1808ع ۾ ڄائو. ونچسٽر (انگلنڊ) مان تعليم وٺي، بمبئي فوج ۾ شامل ٿيو. پوءِ سياسي شعبي سان وابستہ ٿيو ۽ سنڌ ۾ هينري پاٽنجر جو معاون مقرر ٿيو. 1889ع ۾ حيدرآباد جي ميرن سان صلح جي ڳالهين واري وفد ۾ شامل هو. 1846ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو ڊائريڪٽر ۽ 1858ع ۾ ان جو نائب چيئرمئن ٿيو. ڪائونسل آف انڊيا جو ميمبر بہ رهيو. هن سنڌ جي تاريخ تي انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب “Dry Leaves From Young Egypt” جنهن جو سنڌي ترجمو ، سنڌي ادبي بورڊ پاران”نئين مصر جا پراڻا ورق“ جي نالي سان ڇپايو ويو آهي، ، پر ڪن جو خيال آهي تہ اهو اي.بي.ايسٽوڪ سندس ڀاءُ هو جنهن اهو ڪتاب لکيو هو. وليم جوزف ايسٽ وِڪ 1889ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1808.00.00  عيسوي

ايسٽ وِڪ وليم جوزف: انگريز منتظم ، مصنف ۽ ڪمانڊر ، جيڪو 1808ع ۾ ڄائو .


1889.00.00  عيسوي

وليم جوزف ايسٽ وِڪ 1889ع ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امام راشدي
جمال الدين بخاري ڪامريڊ
آسو
شوڀا لالچنداڻي
جتوئي غلام رسول مولانا
سيد عبدالوهاب شاھہ جيلاني
صالح ملا
جميلا نرگس
حافظ رفيق احمد انڍڙ
رازي فخرالدين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون