ايراني پير نوندو ماڳ: هيءَ ماڳ پٿر ڪمائڻ جي فيڪٽري آهي جنهن جو تعلق پيليوليٿڪ دور ( پٿر جي آڳاٽي دور ) سان آهي . ھي ماڳ پير نوندو درگاھہ کان ڏيڍ ڪلوميٽر اتر ۾ روھڙيءَ واري ٽڪر ۾ ، سکر ضلعي ۾ آهي . ھن ماڳ جي اتر اولھہ ۾ ھڪ ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي ايراني پير آھي . ھن ماڳ تائين پھچڻ لاءِ خيرپور کان لونگ فقير ۽ شادي شھيد واري واٽ وٺڻي پوندي . لونگ فقير ، خيرپور کان ١٣ ڪلوميٽر اوڀر ۾ آھي ، جتان شادي شھيد ھڪ ميل ، درگاھہ ڇتن شاھہ ان کان بہ اڳتي ھڪ ميل ، ۽ ذڪر ھيٺ آيل ماڳ ٻہ ميل اوڀر ۾ آھي . ھتي اٽليءَ جي آرڪيالاجسٽن ڪم ڪيو آھي . ھن ٽاڪرو ڇت تان پٿرن جون ڪورون ( cores ) مليون آھن جن تان گهڻي نفاست ۽ مھارت سان ننڍيون وڏيون ڇريون ( blades ) ڇلي لاٿيون ويون ھيون . ڇريون ڇلڻ کان پوءِ انھن ڪورن جي صورت بندوق جي گولين جهڙي ٿي پوي ٿي . ساڳي ٽڪريءَ جي ڏاکڻي موڪري ڇت تي پٿر جي اوائلي دور جي اڻ ڇھيل سائيٽ ملي آھي . هتان ڪجهہ ھٿ ڪھاڙيون ، بي شمار چٿڻا ، کرچڻا ، آڇر ، ڇٿڙ ۽ ڪورون ( cores ) مليون آھن .