اوگهڙ:هندن ۾ گورکناٿ جو فرقو، جيڪي شِوَ جي پوڄا ڪندا آهن. هيءَ اصل ۾ ترڪستان جو اُئگر قبيلو هو، جيڪي ٻڌمت جا مڃيندڙ ۽ چنگيز خان جي درٻار م لکڻ جو ڪم ڪندڙ (ڪاتب) هئا، هنن کي ڀکشو چوندا هئا، ڇو تہ هو ٻؤت ڀَکشو هئا. ان کان پوءِ اولھہ ايشيا ۾ ”ڀ“ جو اچار ”ب“ ۽ ”کش“ جو اچار ”خش“ ٿيڻ ڪري هُو ”ڀکشو“ مان ”بخشو“ ٿي، بخشي بـڻـجـي ويـا. هـنـد- پاڪ ۽ ڪشمير ۾ سندن دَخل هندو/مسلم ٻنهي ۾ هو، ان ڪري بخشي غلام محمد ۽ بخشي ٽيڪ چند بہ سڏيا. هن وقت (هن قبيلي وارا) صرف چين ۾ آهن ۽ مسلمان آهن. روايت آهي تہ انهن گورکناٿ جو مَتو (عَمل) قبول ڪيو، ان ڪري هِتي ”اُئگر“ مان اوگهڙ مشھور ٿي ويا.