اوڙاهه-ناول

اوڙاهه-ناول

اوڙاھہ2

اوڙاھہ2 (ناول ):هي سنڌي ٻوليءَ جي مشھور ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار غلام نبي مغل جو پهريون ناول آهي. هن ناول جو بنيادي پسمنظر بيان ڪندي خود ليکڪ لکي ٿو تہ ”سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي تہ سنڌين جو شهرن ۾ هيٺيون وچولو ڪلاس ۽ وچولو ڪلاس صدين کان وجود ۾ نہ رهيو آهي ۽ هاڻي اڄڪلھہ جڏهن سنڌ جي وجود جي بقا جي جنگ وڙهجي پئي تہ اسين سنڌي شھري وچولي ڪلاس جي نہ هئڻ ڪري، بقا جي ويڙھہ ۾ هڪ اهڙي عذاب، اوريڪ ۽ اوڙاھہ منجهہ اڙجي ويا آهيون، جو لڳي ائين پيو تہ شايد تاريخ جي پنن تان ميسارجي نہ وڃون. سمن جي بادشاهت جي خاتمي سان گڏ سنڌ شعوري طور ديهي شھري علائقن ۾ ورهائجي وئي يا ڏاڍ ۽ جبر جي استعمال سان ائين ڪيو ويو.“ان نموني ارغون، ترخان ۽ مغل دور ۾ وچين ڪلاس ۽ ان سان گڏ ڪمين ڪاسبين کي جنهن خوني عمل سان شهرن مان تڙي يا ماري ڪڍيو ويو، اهو عمل ٽن سئو سالن کان برقرار آهي ۽ سنڌ کي سياسي، اقتصادي ۽ تهذيبي طرح پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن ۾ ورهاڱي (1947ع) جي لڏپلاڻ ، ون يونٽ واري زماني ۾ سنڌ ۾ ٻاهرين جي آبادڪاريءَ سان گڏوگڏ سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو موجودہ وچولي طبقي جي اڀرڻ يا ان جي جدوجھد جو ذڪر ڏنل آهي. ناول اوڙاھہ ان سموري تاريخي جاکوڙ بابت آهي. جنهن ۾ سنڌ جي چئن سئو سالن جي سوشيو پوليٽيڪل تاريخ بيان ٿيل آهي. ڪن نقادن ناول ۾ هندو وچولي ڪلاس بابت ڏنل ڄاڻ سان اختلاف ڏيکاريو آهي، پر هي ناول سنڌ جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي تاريخ تي پهريون مڪمل ناول آهي. هن 402 صفحن تي مشتمل پڪي جلد واري ڊيمي سائيز ناول جي قيمت 200 رپيا آهي ۽ نيو فيلڊس پبليڪشن حيدرآباد جو ڇپيل 185 نمبر ڪتاب آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو