اويس ‘قرني’

اويس ‘قرني’

اويس ‘قرني’

اويس ‘قرني’: نوجوان شاعر اويس قرنيءَ جو پورو نالو محمد اويس ولد دوست محمد مهيسر آهي. سندس جنم 29 آگسٽ 1970ع تي ڳوٺ سينڌل مهيسر تعلقي ميهڙ ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ۽ مئٽرڪ ميهڙ جي سرڪاري اسڪولن مان پڙهيو، جڏهن تہ انٽر 1990ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج خيرپورناٿن شاھہ مان ڪيائين. ادبي دنيا ۾ هي 1999ع کان آيو، شعر جي اصلاح عاشق ڪلهوڙي ۽ استاد الھہ نواز رڪڻائيءَ کان ورتائين 1990ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا: (1) نيرانائي نيڻ
(2004ع)، (2) ڳل نہ سُڪا ڳوڙها (2006ع) ۽ (3) نيڻ پرينءَ جي آسري (2013ع) ڇپيل آهن. اويس قرني سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس شاعري سنڌ جي مڙني رسالن توڙي اخبارن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي. اويس قرني شاعريءَ ۾ ڪيترائي نوان تجربا پڻ ڪيا آهن. سندس شاعريءَ جو چوٿون مجموعو پڻ ڇپائيءَ جي آخري مرحلي ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.08.29  عيسوي

شاعر اويس قرنيءَ جو پورو نالو محمد اويس ولد دوست محمد مهيسر آهي. سندس جنم 29 آگسٽ 1970ع تي ڳوٺ سينڌل مهيسر تعلقي ميهڙ ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪشنچند بيوس
ارجن حاسد
ڌامراهو مهراڻ
علي آڪاش
منٺار سولنگي
ڀڳوان فتح چند ڀاوناڻي
آخوند محمد قاسم هالائي
رضوي سيد زوار حسين شاھہ
راشدي سيد محمد سليم شاھہ
احسن حافظ محمد چنا
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون