اويس ‘قرني’

اويس ‘قرني’

اويس ‘قرني’

اويس ‘قرني’: نوجوان شاعر اويس قرنيءَ جو پورو نالو محمد اويس ولد دوست محمد مهيسر آهي. سندس جنم 29 آگسٽ 1970ع تي ڳوٺ سينڌل مهيسر تعلقي ميهڙ ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ۽ مئٽرڪ ميهڙ جي سرڪاري اسڪولن مان پڙهيو، جڏهن تہ انٽر 1990ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج خيرپورناٿن شاھہ مان ڪيائين. ادبي دنيا ۾ هي 1999ع کان آيو، شعر جي اصلاح عاشق ڪلهوڙي ۽ استاد الھہ نواز رڪڻائيءَ کان ورتائين 1990ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا: (1) نيرانائي نيڻ
(2004ع)، (2) ڳل نہ سُڪا ڳوڙها (2006ع) ۽ (3) نيڻ پرينءَ جي آسري (2013ع) ڇپيل آهن. اويس قرني سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس شاعري سنڌ جي مڙني رسالن توڙي اخبارن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي. اويس قرني شاعريءَ ۾ ڪيترائي نوان تجربا پڻ ڪيا آهن. سندس شاعريءَ جو چوٿون مجموعو پڻ ڇپائيءَ جي آخري مرحلي ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.08.29  عيسوي

شاعر اويس قرنيءَ جو پورو نالو محمد اويس ولد دوست محمد مهيسر آهي. سندس جنم 29 آگسٽ 1970ع تي ڳوٺ سينڌل مهيسر تعلقي ميهڙ ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سجاد ميراڻي
گلاب چانڊيو
پير ناصر خسرو قبادياني لعل بدخشان
ٺٽوي غلام مرتضيٰ شاھہ مرتضائي
حامد ﷲ ’حامد‘ تنيو
تيرٿ روچيرام منگوراڻي پريتم
امام الدين ضامن
راڄڙ منٺار فقير
اشرف زمان پير چنڊامي
تلسيداس
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون