اوتارو: سفر دوران، ٿڪ ڀڃڻ ۽ ڪجهہ لمحن لاءِ وهٽن تان لھي ڊاٻو يا منزل ڪرڻ جي جاءِ، منزل گاھہ، مڪان. مردن جي ويهڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ جي جاءِ، دائرو ۽ اوطاق. ”اوتاري“ جو اهم مفهوم آڳاٽي دور ۾ رائج هو، جيڪو هاڻي اصلوڪي مفهوم کان بدلجي ٻئي روپ ۾ رائج ٿي ويو آهي.
موجودہ دور ۾ ”اوتارو“ انهيءَ جاءِ کي چئجي ٿو، جتي ڳوٺاڻا يا شھري تڏن تي ويهي رهاڻ ڪندا آهن. ان رهاڻ ۾ زماني جو احوال يا سگهڙپائيءَ جي ڪچهري ۽ ڳائڻ وڄائڻ بہ ٿيندو آهي. واٽهڙو بہ اتي ويهي ڪا گهڙي ساهي پٽي وري پنڌ پون ٿا.
ڀنگ پيئڻ جا هيراڪ بہ گهڻو ڪري اوتاري ۾ ئي آبو. شابو ڪندا آهن. ڪن اوتارن جي اڳيان انگاس کوڙي ڇڏيندا آهن تہ جيئن اهو آسائشي ڪم لاءِ مخصوص ٿئي ۽ ان تي قبضو نہ ٿئي.