اَوَتار: هندن جي عقيدي موجب وشنوءَ جو ڪنهن جسم يا روپ ۾ ظھور. وشنو اهڙو منظم ديوتا آهي، جيڪو دنيا جي پالنا (پرورش) ۽ حفاظت ڪري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن اهو هن دنيا ۾ پيدا ٿي، ان جي انتظام ۾ خرابيءَ کي دور ڪرڻ لاءِ ان ۾ دخل ڏيئي، ان کي درست ڪري ڇڏيندو آهي. ان کي ”اوتار“ چوندا آهن. اهڙيءَ طرح هن وقت تائين نَوَ (9) اوتار اچي چڪا آهن، جن جا نالا مَڇ، ڪڇئون، وره، نرسنگهہ، پرشورام، واتن، رام، ڪرشن ۽ ٻُڌ آهن. انهن اوتارن نهايت ڏکئي وقت ۾ ظاهر ٿي، دنيا کي سڌاري ۽ ترقيءَ جي راھہ تي هلايو. هندو انهن اوتارن جي عبادت بہ ڪندا آهن ۽ انهن جي نالن سان مندر ٺهرائيندا آهن. ڪرشن مهراج گيتا ۾ چيو آهي تہ ”جڏهن ڌرم تي زوال اچي ٿو ۽ بَد انسان نيڪين تي غالب پئجي، انهن کي هرطرح جي تڪليف پهچائيندا آهن ۽ اَپ ڌرم کي واڌي ملي ويندي آهي تہ آءٌ ڪنهن نہ ڪنهن شڪل ۾ ظاهر ٿي ويندو آهيان. سچي جي حفاظت، ڪج رويءَ جي تباهي ۽ ڌرم کي مضبوطيءَ سان قائم ڪرڻ لاءِ مختلف زمانن کان اوتار جو ويس وٺندو آهيان.“