انگهہ دڙو: هي اسلامي وچئين دور جو آهي. ماڳ شھدادڪوٽ، ميروخان روڊ ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ۾ واقع آهي. ماڳ اتر ڊگهائي ڦاڪ 27◦ 51′ 20′′ ڊگرين ۽ اوڀر ويڪرائي ڦاڪ 67◦59′00′′ ڊگرين تي واقع آھي. ھي دڙو 125x130 ميٽر ڊيگهہ ويڪرو ۽ 6 ميٽر اوچو آھي. ھتان مليل وٿن مان معلوم ٿئي ٿو تہ ھي وچين اسلامي دور جو ماڳ آھي. ھن جي کوٽائي ٿيل ڪانہ آھي. ھي ماڳ ھوريان ھوريان ختم ٿي رھيو آھي جو زرعي زمين جي والار ۾ اچي ويو آھي. ھيٺ خبر ناھي پاڻ سان ڪھڙي تاريخ رکي ٿو.