انگهہ

اَنگهہ: ڪاٺيءَ جي نڪتل کُتَ. چهنبياري ڪاٺي، جيڪا ڪپڙي وغيرہ کي لڳي ۽ اُن کي ڦاڙي وجهي يا اٽڪي پوي. وڻ مان وڍيل ٽاريءَ جو باقي بچيل ٽڪرو، جيڪو وڻ جي ڏار ۾ بيٺو هجي. قاصائي ڪا ڦنڊر يا ٻڪري وڻ جي هيٺان ڪُهندو ۽ وڍيل عضون يا گوشت کي ٽنگڻ لاءِ وڻ جي نڪتل کُتن يا لوھہ جي ڪُنڍن ۾ ٽنگيندو.

سنڌ جي ڳوٺن ۾ اِهو رواج آهي تہ ڪو ماڻهو ڦنڊر يا ٻڪري ڪُهي، ان جو گوشت وڪڻندو تہ ڳوٺ کان ٻاهر وڻ جي انگهن ۾ ڪٺل جانور جا عضوا ٽنگي ڇڏيندو. پوءِ اُتي تڏو وڇائي، ان تي ڪاٺيءَ جو ٽڪر يا اَڏِي رکي گوشت ٽنگي ڇڏيندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو